| ايران تان پابندين جي خاتمي لاءِ يورپي يونين جو معاهدي جو شرط |
برلن (م ڊ) يورپي يونين اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن هڪ جامع معاهدو ٿي وڃي ته هو ايران تي پابنديون گهٽائڻ لاءِ تيار ٿي سگهي ٿو. جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز يورپي اڳواڻن کي ٻڌايو ته ايران سان معاهدي جي صورت ۾ پابنديون گهٽائبيون جيڪو آخرڪار مستقل جنگ بندي لاءِ رستو هموار ڪري سگهي ٿو. مرز چيو ته اهو هن عمل ۾ اسان جو عملي حصو ٿي سگهي ٿو. يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا چيو ته هرمز کاڙي کي فوري طور تي ٻيهر کوليو وڃي، پابندين ۽ ٽيڪس نه هجن ڇاڪاڻ ته اهو سڄي دنيا لاءِ تمام ضروري آهي.