| ايران تي حملو نه ڪرڻ جو فيصلو مون پاڻ ڪيو (ٽرمپ) هنگامن ۾ آمريڪي صدر ملوث هو: خامنه اي |
واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي تہ ايران تي حملو نه ڪرڻ لاءِ ڪنهن ملڪ نه پر مون پاڻ کي پاڻ قائل ڪيو، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته تازي احتجاج دوران ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو اصل ذميوار ڊونلڊ ٽرمپ آهي. وائٽ ھائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر چيو تہ گذريل ڏينهن ايران ۾ 800 ماڻهن کي ڦاسي ڏيڻ جو امڪان هو، پر ڪنهن کي به ڦاهي نه ڏني وئي، جيڪو ايران جو ھاڪاري قدم آهي ۽ مان ان جو احترام ڪيان ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران جي جوھري صلاحيت کي ختم ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت سميت دنيا ۾ 8 وڏيون جنگيون روڪرايون آهن. آمريڪي صدر چيو ته پاڪستاني وزيراعظم موجب انهن ڪوششن سان ڪروڙين جانيون بچايون ويون ۽ پاڪستاني وزيراعظم پاران سندس لاءِ چيل لفظن کي هو پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو. هن کان برطانوي ميڊيا جي دعوائن بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته مون ايران تي حملو ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي قائل ڪيو ڪنهن به ملڪ نه چيو هو. ٻئي طرف پنهنجي بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته ايران ۾ احتجاج ۾ آمريڪي صدر سڌي ريت ملوث آهي، ماڻهو مارجڻ، مالي نقصان ۽ عوام خلاف پروپيگنڊا جو اصل ذميوار ٽرمپ ئي آهي. هن چيو ته تازي ايران خلاف بغاوت ان لحاظ سان مختلف هئي، ڇو ته ان ۾ آمريڪي صدر ذاتي طور ملوث هو. آيت الله خامنه اي الزام هنيو ته ٽرمپ ايراني عوام کي اڪسائڻ، ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ سوشل ميڊيا ۽ بيانن ذريعي تشدد کي هٿي ڏيڻ ۾ سڌي ريت ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته اهي احتجاج ڪنهن عوامي تحريڪ بدران آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي سازش هئي، جنهن جو مقصد ايران کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ هو.