| ايران تي حملي ۽ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف ملير ۽ ڪراچي ۾ ريليون: مظاهرا: نعرا |
ملير/ڪراچي(نمائندن وٽان) پورهيت ۽ سماجي تنظيمن پاران مهانگائي، بيروزگاري ۽ ايران تي آمريڪي جارحيت خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ عورتون ۽ ٻار ن به شريڪ هئا، مظاهري کي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ، هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن ۽ نوجوانن جي تنظيم الٽرنيٽ جي اڳواڻن ناصر منصور، ڪامريڊ زهره خان، قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، سائره بانو، عاقب حسين، ڪامريڊ حسن محمود ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ بي پناهه واڌ بعد ڪجهه گهٽتائي ڪرڻ عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي، حڪومت عوام کي موت ڏيکاري بخار تي راضي ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا آهي، هنن چيو ته پيٽروليم شين ۾ واڌ مهانگائي جو طوفان کڻي آئي آهي جنهن سان غريب پورهيت متاثر ٿي رهيا آهن،هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران بحراني ڪيفيت ۾ پاڻ قرباني ڏيڻ بدران عوام کي مهانگائي جي ٻيڻي عذاب ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن، هنن ايران جي بهادر عوام سان يڪجهتي جواظهار ڪندي چيو ته نار ۾ جنگ روڪڻ لاءِ عالمي برادري اڳتي اچي، هنن مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين تي لاڳو ڪيل ليوي کي ختم ڪري پورهيتن جي مزدوري ۽ پگهارن ۾ واڌ ڪئي وڃي، ٻئي طرف عوامي ورڪرز پارٽي پاران علي حسن لغاري، بگن چانڊيو، فيض ملاڻو، مقصود ٻرڙو،مُنيبا، وجاهت حسين، ورثا جي اڳواڻي۾ ٽي تلوار آڏو مظاهرو ڪيو ويو.