ايران تي مڙهيل جنگ: هينئر تائين ڇا هڙ حاصل ٿيو؟ … حيدر جاويد سيد

                 عالمي سامراج آمريڪا ۽ ان جي ٻولڙئي ۽ ڪمدار پاران ايران تي گڏيل جارحيت کي اڄ پنجون ڏينهن آهي. (هي سٽون مون اربع جي منجهند جو لکيون آهن). ڇنڇر جي رات کان شروع ٿيل هن جارحيت جا هينئر تائين نتيجا تمام خوفناڪ سامهون آيا آهن. ايران جي رهبرِ ڪبير آيت الله سيد علي خامنه اي، سندس گهرواري، نياڻي، ڏوهٽَي ۽ پوٽِيءَ کان علاوه اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ ٻه سئو ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. تهران ۾ هڪ اسڪول تي ٿيل حملي ۾، هن تحرير لکجڻ تائين، 168 معصوم شاگردياڻيون شهيد ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ايران جي مختلف علائقن ۾ سوين ماڻهو پڻ حياتيون وڃائي چڪا آهن. آمريڪا ۽ ان جي ڪمدار ايران جي 153 ننڍن وڏن شهرن تي بارود وسايو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته تهران ۾ شاگردياڻين جي اسڪول تي حملو ۽ 168 شاگردياڻين جي شهادت “جنگي ڏوهه” ٿي سگهي ٿي. گذريل ڏينهن مجلسِ خبرگانِ رهبري جي صدر دفتر ۽ ايراني صدر جي آفيس تي به حملا ڪيا ويا.

                 ايران به گذريل پنجن ڏينهن کان علائقي ۾ آمريڪي مفادن (اڏن، آفيسن ۽ سفارتخانن) کي چونڊي چونڊي نشانو بڻائي رهيو آهي. بحرين ۾ آمريڪي فضائي اڏو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. آمريڪا جي سامونڊي دهشت جي علامت بحري جنگي ٻيڙو “ابراهم لنڪن” به ايراني ميزائلن سان زخمي ٿي، جنگ جي سامونڊي محاذ کان “پري” هليو ويو آهي. پنجن ڏينهن کان جاري هن جنگ سبب 13 هزار کان وڌيڪ اڏامن جي منسوخي ٿي آهي، جنهن ڪري لکين مسافر رلي ويا آهن. جنگ جي چوٿين ڏينهن کان عالمي دفاعي تجزيه نگارن اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته ايران سان جنگ ۾ آمريڪا پهرين ڏينهن تي 779 ملين ڊالر خرچ ڪيا، جڏهن ته جنگي تيارين تي ان جا 630 ملين ڊالر خرچ ٿيا هئا. هي جنگ ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ آمريڪا کي مجموعي طور ڪيترا ارب يا کرب ڊالر خرچ ڪرڻا پوندا، في الحال ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي. البته، جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي ته ايراني ميزائلن کي ڪيرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ آمريڪي “انٽرسيپٽر” ميزائلن ۾ کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا آمريڪا ۽ ان جي ٻولڙئي ۽ ڪمدار لاءِ مسئلا پيدا ڪندي، ڇاڪاڻ ته هڪ ميزائل کي ڪيرائڻ لاءِ ٻه انٽرسيپٽر استعمال ڪيا ويندا آهن.

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي “انٽرسيپٽر” ميزائل پهرين ختم ٿيندا يا ايراني ميزائل، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي. ٻئي طرف، گذريل ڏينهن صدر ٽرمپ اسپين کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا کي پنهنجا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ لاءِ نه ڏنا ته آمريڪا اسپين سان واپار ختم ڪري ڇڏيندو. وچ اوڀر ۾ پنهنجن عرب اتحادي ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني ميزائلن جي وسڪاري سبب آمريڪا کي جنهن صورتحال سان منهن ڏيڻو پيو آهي، ان جو اندازو صدر ٽرمپ جي اسپين لاءِ ڏنل هن ڌمڪي واري بيان مان لڳائي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي ايراني ميزائلن اسرائيل جي گاديءَ واري شهر تل ابيب، تاريخي اهميت رکندڙ شهر حيفا ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ اهڙي ابتري پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي سنڀالڻ ۾ وقت لڳندو. گذريل سال وانگر، هن تازي جنگ پڻ يقيناً ايران کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو آهي، پر آمريڪا جي پالتو اسرائيل کي به ڏينهن جو تارا نظر اچي ويا آهن.

ٽرمپ دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ايران ڳالهين ڪرڻ چاهي ٿو، پر هاڻي دير ٿي چڪي آهي. ايراني ٽرمپ جي هن بيان بابت جيڪو چئي رهيا آهن، ان جو سادو ترجمو آهي؛ “شرم کي پرچائڻ”. ايراني چون ٿا: “جنگ کان اڳ ڳالهين جي آخري دور ۾ ايندڙ ملاقات جي تاريخ طئي ٿي وڃڻ باوجود جيڪا جارحيت ڪئي وئي، ان کان پوءِ ٽرمپ هن گرهه تي هڪ ناقابلِ اعتبار شخص بڻجي ويو آهي. اهو شخص (ٽرمپ) مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندو ۽ اوڳاريندو رهي ٿو.”

تازي ايران جنگ جي شروعات تي صرف چئن ڏينهن اندر “رجيم چينج” جو اعلان ڪندڙ ٽرمپ هاڻي ايراني عوام کي منٿون ڪري رهيو آهي ته هو ٻاهر نڪرن ۽ حڪومت بدلائي ڇڏين. اڳوڻي شاهه ايران جو پٽ پڻ ايران ۾ اقتدار سنڀالڻ لاءِ بيچين نظر اچي رهيو آهي. اهو (دربدر شهزادو) جڏهن سوشل ميڊيا تي ايران کان ٻاهر رهندڙ مردن ۽ عورتن جون ٽوليون ڏسي ٿو، جيڪي موجوده ايراني حڪومت خلاف ناچ ڪن ٿيون ۽ نعرا هڻن ٿيون، ته هو وڏي مشڪل سان پاڻ کي تهران ڏانهن ويندڙ جهاز يا ميزائل تي سوار ٿيڻ کان روڪي ٿو. ايران سان جنگ جنهن نموني سان آمريڪي دعوائن، اندازن، نيتن ياهو جي ڊاڙن ۽ وڏن وڏن تجزيه نگارن کي هينئر تائين ڌوڙ چٽائي آهي، تنهن مان هڪ ڳالهه بلڪل صاف ظاهر ٿي وئي آهي. اها ته جنگي جنون ۾ ورتل ڌريون جنهن ايران کي صرف سيد علي خامنه اي کي منظر تان هٽائڻ کان پوءِ اَڪَ جي ماکيءَ وانگر آسان سمجهي رهيون هيون، اهو اصل ۾ “رُڪَ جا چڻا” ثابت ٿيو آهي.

مون کي ائين لڳي ٿو ته جنگي جنوني ماڻهو زميني حقيقتن جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت کان ڄائي ڄمندي ئي محروم هوندا آهن. اهي سمجهي ئي نه سگهيا ته هو ڪنهن فرد سان وڙهڻ وڃي رهيا آهن يا هڪ مڪمل نظام سان. انهن جو خيال هو ته ايران ٻيو وينزويلا ثابت ٿيندو، پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي. في الحال ته صرف ايترو چئي سگهجي ٿو ته “هنوز دِلي دور است”، ڪيتري پري آهي، اهو چوڻ ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نظام جا پرت ڪيترا آهن، اهو ڄاڻڻ آسان ناهي. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه ايرانين جو قومي غيرت ۽ تعصب آهي. هزارين سالن جي تاريخ سان جڙيل هي قومي فخر هر ڏکئي وقت ۾ “ديوارِ چين” وانگر مضبوط ثابت ٿيندو رهيو آهي۔

ايران ۾ يقيناً هڪ اهڙو طبقو به رهيو آهي ۽ اڃا به آهي، جيڪو تبديلي جو خواهشمند آهي. پر “آمريڪا ۽ اسرائيل ذريعي تبديلي” انهن کي به ڪچي گار جهڙي لڳي ٿي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ جو اهو خواب چڪنا چور ٿي ويو ته جيئن ئي جنگ شروع ٿيندي، تيئن ئي ايراني عوام ٻاهر نڪري هر شيءِ کي تباهه ڪندي اقتدار تي قبضو ڪري وٺندا. انهيءَ ڪري شروعات ۾ جنگ کي رڳو ڪجهه شهرن تائين محدود رکڻ وارن، ايندڙ مرحلي ۾ 153 ننڍن وڏن شهرن کي ميزائلن ۽ ڪارپيٽ بمباري جي نشاني تي آڻي ڇڏيو. ايران تي مسلط ڪيل هن جنگ ۽ ايران جي جوابي جنگي حڪمتِ عملي کانپوءِ مڙهيل جنگ خلاف سڄي دنيا مان آواز اٿي رهيا آهن. هن جنگ جي خلاف احتجاجي جلسا جلوس ٿي رهيا آهن، مذمتي قراردادون ۽ بيان جاري ٿي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه مذهبي جنوني ماڻهو پنهنجي اندر جي خباثت جا مظاهرا ڪرڻ ۾ به لڳا پيا آهن۔

ايران تي مڙهيل هن تازي جنگ ۽ خاص طور تي ايران جي رهبرِ ڪبير آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت جي خبر ملندي ئي اسان وٽ به، ڪراچي کان گلگت- بلتستان تائين ۽ پشاورکان ڪوئيٽا تائين احتجاج ٿيا. البته ڪراچي۽ سڪردو (گلگت- بلتستان ۾ احتجاج پرتشدد ٿي ويو. ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ڏانهن ويندڙ احتجاجي جلوس قيادت کان محروم هو، تنهنڪري اهو هائيجيڪ ٿي ويو. ان کي ڪنهن هائيجيڪ ڪيو، ان بابت ٻه رايا آهن. هڪ طبقو هن صورتحال کي “ايجنسين جي ڪارستاني” قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ٻيو طبقو چوي ٿو ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت مخالف مختلف نظريا رکندڙ عنصرن پنهنجي مذموم مقصدن جي حاصلات لاءِ مظاهرين کي پرتشدد ڪارروائين تي اڀاريو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مظاهرين حياتي وڃائي ويٺا ۽ درجنين زخمي ٿي پيا۔ پر اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته گلگت- بلتستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو مقامي قيادت جي ڀڙڪائيندڙ تقريرن جو نتيجو هو. ٻنهي پرتشدد واقعن ۾ ڪُل 26 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا. سڪردو ۾ فوت ٿيل ڪجهه ماڻهن جو تعلق قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان هو. هتي اربين رپين جي سرڪاري ۽ نجي ملڪيت کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ويو. سوال اهو آهي ته ڇا انهن ٻنهي پرتشدد واقعن جي “آزادانه جاچ” ٿي سگهندي؟ اصولي طور تي بغير ڪنهن دير جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ته جيئن متاثر خاندان ۽ عام ماڻهو اصل ڏوهارين جا چهرا ڏسي سگهن. اهو ان ڪري به ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته چيو پيو وڃي ته پرتشدد مظاهرن ۽ وڳوڙن جي حوصلا افزائي ڪندڙن جو مقصد آبادي جي هڪ طبقي کي رياست کان بيزار ڪرڻ هو. هن مذموم راند جي ذميوارن بابت پڪن ثبوتن کان سواءِ ڪا ڳالهه ڪرڻ، ڄڻ ته ٻرنديءَ تي تيل وجهڻ برابر هوندو. اسان جي خيال ۾ اهڙي ڳالهه کان پاسو ڪرڻ ۽ آزادانه جاچ تي زور ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي۔