ايران تي نظر آهي، خبر آهي ڪهڙا فوجي اثاثا منتقل ڪيا: آمريڪا

ايران تي نظر آهي، خبر آهي ڪهڙا فوجي اثاثا منتقل ڪيا: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي جنگ واري وزير هيگسٿ چيو آهي ته ايرانين کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جي ۽ انهن جي صلاحيتن جو ڪو مقابلو ناهي، آمريڪا اڄ به اڳ وانگر مضبوط آهي، ايران وٽ هرمز تي ڪنٽرول لاءِ هاڻي بحري طاقت ناهي، جيڪڏهن ايران هاڻي معاهدو نه ڪيو ته آمريڪا حملي لاءِ تيار آهي. هن چيو ايران لاءِ پيغام آهي ته اسان توهان تي نظر رکون پيا اچون، ايران کي ٻڌايو ويو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته توهان ڪهڙا فوجي اثاثا منتقل ڪري رهيا آهيو. واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڪنٽرول نه پر بحري ڌاڙو آهن. اسان 4 جهازن کي واپس اماڻيو آهي. پيٽ هيگسٿ چيو ته هرمز کولرائڻ لاءِ مدد ڪرڻ ايندڙ ٻين ملڪن جي آجيان ڪنداسين، فيلڊ مارشل سان ٽرمپ جا سٺا لاڳاپا آهن.