| ايران تي 2 هزار پائونڊ بمن سان حملا، اصفهان ۾ هر طرف تباهي، چيني بحري جهاز نشانو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن فيصلائتا آهن: آمريڪا |
تهران/واشگنٽن/تل ابيب/لنڊن (م ڊ) ايران تي مڙهيل آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ 31 هين ڏينهن ۾ شديد ٿي وئي، ايران پاران اسرائيل جي شهري علائقن تي سڌي ميزائل بمباري ڪئي وئي، اصفهان ۾ موجود ايراني هٿيارن جي ذخيرن کي خوفناڪ 2 هزار پائونڊ وزني”بنڪر بسٽر“ بمبن ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪينسر جي دوا تيار ڪندڙ ڪمپني کي به تباهه ڪيو ويو.ايراني فوج اصفهان ويجهو 30 ملين ڊالر ماليت جو آمريڪي ريپر ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، چين ڏانهن ويندڙ تيل بردار جهاز کي به نشانو بڻايو ويو آهي. ايران خطي ۾ آمريڪي ڪمپنين بوئنگ، ٽيسلا، ميٽا، گوگل ۽ ايپل سميت 15 کان وڌيڪ ڪمپنين کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي. چين جي بحري جهاز تي به حملو ڪيو ويو آهي. لبنان ۾ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا. مليل اطلاعن موجب جنگ جو 32 هون ڏينهن خطرناڪ رهيو ايران تي حملا ڪيا ويا. آمريڪا ايران تي 2 هزار پائونڊ وزني خطرناڪ بم وسائي ڇڏيا. اسرائيلي فوج تهران ۾ ميزائل ٺاهڻ وارين ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي، جڏهن ته اٽڪل 40 هٿيار ٺاهڻ ۽ تحقيقاتي مرڪزن تي حملا ڪيا ويا. اصفهان ۾ ڌماڪن جي وڊيو ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان به شيئر ڪئي، آمريڪي اخبار موجب 2 هزار پائونڊ وزني بم سان هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو. هڪ آمريڪي اهلڪار وال اسٽريٽ جرنل کي ٻڌايو ته اصفهان ۾ 1000 ڪلوگرام وزني بنڪر بسٽر بم استعمال ڪيو ويو ۽ زمين اندر موجود ٿاڪن کي تباهه ڪندڙ گولا بارود به استعمال ڪيو ويو . آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان اصفهان تي بمباري کي ايران خلاف جاري جنگ ۾ هينئر تائين سڀ کان خطرناڪ بمباري قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف ايران جي اصفهان صوبي جي گورنر آفيس ۾ سيڪيورٽي آفيسر اڪبر صالحي چيو ته جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته حملي ۾ ڪجهه فوجي هنڌن کي نشانو بڻايو ويو. اصفهان صوبو ايران جي دفاع لاءِ اهم مرڪز آهي ۽ ان ۾ وڏيون ايٽمي سهولتون آهن، جن ۾ نطنز شامل آهي. ھتي ڪيترائي وڏا فوجي اڏا بھ موجود آھن جن ۾ بدر ايئر بيس، اٺون شيڪري ايئر بيس ۽ چوٿون ايئر فورس بيس شامل آهن. حملن بعد ايران جي پاسداران انقلاب ڪورخطي ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي ٽيڪ ڪمپنين کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ملازمن ۽ ويجھن رهندڙ ماڻهن کي فوري طور تي علائقا خالي ڪرڻ جو چيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ٽيڪ ڪمپنيون دهشتگردن جي هدفن کي ڊزائين ڪرڻ ۽ ٽريڪ ڪرڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ان ڪري هاڻ انهن ادارن کي نشانو بڻايو ويندو جيڪڏهن وڌيڪ ايراني اڳواڻ ٽارگيٽ بڻائي شهيد ڪيا ويا ته سڀاڻي مقامي وقت موجب رات 8 وڳي کان بوئنگ، ٽيسلا، ميٽا، گوگل ۽ ايپل سميت 15 کان وڌيڪ ڪمپنين کي نشانو بڻايو ويندو. ايران جي پاسداران انقلاب اسلامي جي ترجمان ايراني فوج جي جنرل اسٽاف چيف جي صلاحڪار ميجر جنرل جمشيد اشتاغي جي قتل جي تصديق ڪئي آهي. هڪ حملي ۾ اشتاغي خاندان جي ڪيترن ئي ڀاتين سان گڏ شھيد ٿي ويو. شهر زنجان ۾ عبادتگاھھ تي حملو ڪيو ويو جنھن ۾ ٻن ماڻهن کي ملبي هيٺان بچايو ويو. ٻئي طرف ايران جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاياب ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي باني جواد ظريف جو چوڻ آهي ته اسرائيلي-آمريڪي حملي ملڪ جي سڀ کان وڏي دواسازي ڪمپنين مان هڪ کي نشانو بڻايو آهي جيڪا ڪينسر جي علاج جون، بيهوشي جون ۽ ٻيون دوائون ٺاھيندي ھئي. ٻئي طرف توفيق دارُو انجنيئرنگ ريسرچ ڪمپني کي نشانو بڻايو ويو.ايراني ريڊ ڪريسنٽ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ آمريڪي-اسرائيلي حملن جي ڪري 90,063 رهائشي گھر تباھھ ٿي ويا آھن. 307 صحت مرڪز ۽ طبي سهولتن کي نقصان پھتو آھي. 760 اسڪول تباھھ ٿيا آھن. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ايران ۾ 230 سرڪاري هدفن کي نشانو بڻايو ويو.هوائي دفاعي نظام، بيلسٽڪ ميزائل لانچرن ۽ هٿيارن جي پيداوار جي سهولتن کي نشانو بڻايو ويو. ايران جا حملا به جاري رهيا. ايران وچ اسرائيلي علائقن تي ميزائل حملا ڪيا جنهن ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب تل ابيب، بني براڪ ۽ پيتاح تڪوا سميت مختلف علائقن ۾ ميزائل ڪِرڻ جا اطلاع مليا آهن. 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گش دان واري علائقي ۾ 6 ۽ بني براڪ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. پاسداران انقلاب جي سڌ سماءَ واري شعبي چيو آهي ته ايران جي هٿياربند فوجن آپريشن ”وعده صادق 4“ جي 88هين لهر ۾ آمريڪي ۽ صهيوني هدفن خلاف گڏيل ۽ گهڻ رخي ڪارروائيون ڪيون. عماد، خرم شهر 4 ۽ قدر سميت ڳرا ميزائل استعمال ڪندي والاريل علائقن جي وچ، ڏکڻ ۽ اتر سميت اهم هنڌن کي نشانو بڻايو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته پاسداران انقلاب جي سامونڊي ۽ هوائي فوج الظفرا، وڪٽوريا ۽ علي السالم بيسز تي موجود آمريڪي فوجي ٿاڪن ۽ ڊرون ڪنٽرول مرڪزن کي به نشانو بڻايو. پاسداران انقلاب موجب پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻي جديد ميزائل سسٽم استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ مزاحمتي محاذ ذريعي جنگ جو دائرو وڌايو پيو وڃي. ايران جو مقصد صهيوني رياست ۽ خطي ۾ آمريڪي فوجي طاقت کي ڊگهي مدي لاءِ ڪمزور ڪرڻ آهي. يو اي اي جو چوڻ آهي ته ان جي هوائي فوجن اڄ ايران کان لانچ ڪيل اٺ بيلسٽڪ ميزائل، چار ڪروز ميزائل ۽ 36 ڊرون کي روڪيو. دبئي ويجهو سمنڊ ۾ ڪويتي جهنڊي واري آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪچي تيل سان ڀريل آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي. اماراتي اختيارين موجب ڪويتي جهنڊي واري آئل ٽينڪر تي ڊرون حملي کانپوءِ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. جهاز چين جي شهر چنگ ڊائو ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ ان ۾ لڳ ڀڳ 12 لک بيرل سعودي ڪچو تيل ۽ 8 لک بيرل ڪويتي ڪچو تيل موجود هو. ٻئي طرف پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن نار ۾ هڪ اهڙي ڪنٽينر جهاز کي نشانو بڻايو جيڪو اسرائيل سان تعلق رکي پيو، جڏهن ته شپنگ ڊيٽا موجب اهو اشارو سنگاپور جي جهنڊي واري جهاز هاءِ فونگ ايڪسپريس ڏانهن هو، جيڪو حملي وقت السلمي جهاز جي ويجهو لنگر انداز هو. دبئي ۾ ناڪام ڪيل حملن جي نتيجي ۾ شهر جي ڏکڻ حصي ۾ رهائشي عمارتن جو ملبو ڪري پيو، جنهن ۾ چار ايشيائي زخمي ٿيا. سعودي عرب جي الخرج علائقي ۾ هڪ ڊرون ڪري پيو جنهن ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ ٽي گهر تباهه ٿيا. اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري رهيا. ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين ۾ وڌيڪ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا اسرائيلي فوج موجب ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين دوران وڌيڪ 4 فوجي مارجي ويا. چڪرين دوران 10 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن ۽ ڪيئي زخمي ٿيا آهن. لبنان جي سرڪاري نيوز ايجنسي ۽ ملڪ جي صحت واري وزارت جي مطابق لبنان ۾ فوتين جو انگ 1,268 تائين پهچي ويو آهي.
واشنگٽن/ دوحا (م ڊ) آمريڪا نيٽو جي اتحادين ۽ يورپي ملڪن کي هرمز ۾ پنهنجي جهازن جي پاڻ حفاظت ڪرڻ ۽ ڪابه مدد نه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران تباهه ٿي چڪو آهي. هن جنگ ۾ خدا اسان جو مددگار آهي. ايراني فوج فرار ٿي رهي آهي ۽ جنرل مايوس آهن ايران ۾ فوج لاهينداسين يا نه اهو ظاهر نه ٿا ڪري سگهون. اسانجي فوج ڪم کي جلد ختم ڪرڻ چاهي ٿي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته برطانيه جهڙا ملڪ جيڪي هرمز جي بندش جي ڪري جيٽ فيول حاصل ڪرڻ کان قاصر آهن، انهن کي همت ڪري هرمز ڏانهن وڃي تيل آڻڻ گهرجي. هن اهو به مشورو ڏنو ته آمريڪا کان تيل خريد ڪريو ڇو ته اسان وٽ تمام گهڻو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي صدر لکيو ته ملڪن کي پنهنجي لاءِ وڙهڻ سکڻو پوندو. آمريڪا هاڻي توهان جي مدد لاءِ نه ايندو، جيئن توهان اسان لاءِ نه آيا. ٽرمپ انهن ملڪن کي خطاب ڪري رهيو هو جن ايران خلاف آمريڪي آپريشن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو. فرانس اسرائيل ڏانهن فوجي سامان کڻي ويندڙ جهازن کي پنهنجي هوائي حدن مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني. آمريڪا اهو ياد رکندو. ٻئي طرف آمريڪي بچاءُ وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته آمريڪا جي حملي جي صلاحيت وڌي رهي آهي جڏهن ته ايران جي گهٽجي رهي آهي ۽ صدر ٽرمپ اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي صدر کي ڪرڻ جي همت نه هئي. پينٽاگون ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ايران پاران فائر ڪيل ميزائلن جو تعداد گهٽيو ايراني فوج جو حوصلو گهٽجي رهيو آهي، جنهن ڪري سپاهي ڀڄي رهيا هن آخر ۾ چيو ته خدا اسان جو مددگار رهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي ته آمريڪا وٽ گهڻا آپشن موجود آهن، جڏهن ته ايران وٽ آپشن محدود آهن. پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايندڙ ڏينهن جنگ لاءِ فيصلائتا هوندا ۽ ايران ڪجهه نه ڪري سگهندو. ايران ڪجهه ميزائل فائر ڪندو جن کي آمريڪا تباهه ڪري ڇڏيندو. آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڊين ڪين چيو ته آمريڪي بحريه 150 کان وڌيڪ ايراني جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ آمريڪي بي-52 بمبار مشن پڻ شروع ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته آمريڪا سڌي ريت ڳالهين جي دعوت ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيون آهي.