| ايران تڪرار روڪيو وڃي: روسي صدر جو امارتي هم منصب سان رابطو |
ماسڪو/ابوظھبي (م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي يو اي اي جي هم منصب محمد بن زيد النهيان سان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪريملن موجب اڳواڻن وچ اوڀر ۾ خطرناڪ طور تي بگڙجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جا ايران ۽ عرب ملڪن لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا. بيان موجب روسي صدر تڪرار کي وڌيڪ وڌائڻ کي روڪڻ ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.