| ايران جا حملا خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن: امارات/سعودي |
دبئي/رياض (م ڊ) سعودي ۽ يو اي اي ايراني حملن کي عرب خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران علائقي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ايراني حملن کي عرب خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي فوجي ڇڪتاڻ ترت بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو.