ايران جا حملا: قطر سفارتڪارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي

ايران جا حملا: قطر سفارتڪارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي

دوحا (م ڊ) ايران جي حملن جي جواب ۾ قطر ايراني سفارتڪارن کي نيڪالي ڏيندي جنگ ڪندڙ سمورين ڌرين کان توانائي ۽ ايٽمي ٺڪاڻن تي حملا نھ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته قطر ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھين لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ شامل ناهي. اسان جو ڌيان اسان جي وطن جي دفاع تي مرڪوز آهي اسان سڀني ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون جن ۾ ٽياڪڙي ڪندڙ ۽ ٻيا علائقائي ملڪ شامل آهن. اسان زور ڏئي چئون ٿا تھ اسان پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ۽ اسان کي اميد آهي ته اهي ڪوششون نتيجو ڏينديون ۽ علائقي ۾ مستقل امن ۽ استحڪام قائم ٿيندو. ھن چيو تھ قطر جو مطالبو آھي ته سڀئي ڌريون توانائي، ايٽمي انفراسٽرڪچر تي حملا ڪرڻ کان پاسو ڪن. ھن چيو تھ ايران جي حملن جي جواب طور قطر ايران جي ڪيترن ئي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏني آهي اسان جي خيال ۾ قطر تي حملا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي تباھھ ڪري ڇڏيندا. ھن چيو تھ اسان گڏجي ڪم ڪرڻ جو رستو ڳولينداسين پر اسان کي جنگ ۾ ڇڪڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن سان ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ھن چيو تھ اسان جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ جي خلاف آهيون ڪنهن به واڌ جو مطلب سڀني ڌرين جو وڌيڪ نقصان ٿيندو. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان اسان جو دفاعي معاھدو ايران جي حملن کان بچائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيو آھي قطر جي فوج 90 سيڪڙو حملن کي ناڪام بڻايو ۽ ثابت ڪيو ته قطر هڪ آسان هدف ناهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هرمز کاڙي جو مستقبل سڄي علائقي کي طئي ڪرڻ گهرجي.