ايران جنگبندي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار، خدا ڪامياب ڪري: خواجه آصف

ايران جنگبندي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار، خدا ڪامياب ڪري: خواجه آصف

سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري ڀارت ڪا حرڪت ڪئي ته ڪولڪتا تائين پهچائي اينداسين. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن يا قيد پاڪستانين جا مڙهه اُڇلائي دهشتگردي جو ڊرامو رچائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي، پاڪستان هوائي فوج ڀارت جي اندر گهڙي ان کي ماريو آهي، جيڪڏهن هن ڀيري ڀارت ڪا حرڪت ڪئي ته ڪولڪتي تائين پهچائي اينداسين. هن وڌيڪ چيوته آمريڪا-ايران جنگبندي ڳالهين ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، خدا اسان کي ڪامياب ڪري.