| ايران جنگ بابت ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ واري قرارداد ناڪام |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينيٽ ۾ ايران جنگ جي معاملي تي صدر ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ واري قرارداد هڪ ووٽ سان ناڪام ٿي وئي ۽ ووٽنگ ۾ قرارداد خلاف 50 ۽ حق ۾ 49 ووٽ ڏنا ويا. قرارداد سينيٽر جيف مرڪلي پيش ڪئي هئي جڏهن ته ٽرمپ جي جماعت ريپبلڪن جي ٽن ميمبرن به جنگ خلاف ووٽ ڏنو. قرارداد جي صرف هڪ ووٽ جي فرق سان ناڪامي ٽرمپ جي جنگ بابت وڌندڙ بيچيني کي ظاهر ڪيو. ڊيموڪريٽس طرفان بار بار ووٽنگ ڪرائڻ واري حڪمت عملي جي سربراهه سينيٽر ٽم ڪين چيو ته هڪ ڏينهن ايندو ۽ اهو ڏينهن جلد به اچي سگهي ٿو جڏهن هي سينيٽ صدر کي چوندي ته هن جنگ کي روڪيو.