ايران جنگ ثابت ڪيو حفاظت لاءِ آمريڪا ڪافي ناهي: قطر

ايران جنگ ثابت ڪيو حفاظت لاءِ آمريڪا ڪافي ناهي: قطر

ابوظهبي (م ڊ) قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته ايران جنگ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته نار ملڪ پنهنجي سلامتي لاءِ رڳو آمريڪا سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ تي ڀاڙي نٿا سگهن. ابوظهبي ۾ هيلي فورم کي خطاب ڪندي ماجد الانصاري چيو ته نار جي خطي ۾ بين الاقوامي فوجن جي موجودگي ۽ آمريڪا سان اسٽريٽجڪ اتحاد انتهائي اهم آهي، پر اهو ڪافي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سلامتي جي معاملي ۾ پاڻڀرائي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، جڏهن ته نار وارن ملڪن کي پنهنجن ساٿين ۽ اتحادي ملڪن جي ضرورت آهي، پر اهي رڳو انهن تي پنهنجي سلامتي لاءِ ڀاڙي نٿا سگهن.