| ايران جنگ جا معاشي اثر سموري دنيا تي پئجي رهيا آهن: بلاول |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايران ۾ جنگ سبب سڄي دنيا تي معاشي اثر پئجي رهيا آهن، ايران جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي اثرن جو بار مهانگائي جي صورت ۾ پاڪستان جو عوام برداشت ڪري رهيو آهي، جڏهن ايران جنگ شروع ٿي ته وفاقي حڪومت پنهنجي طرفان 50 سيڪڙو سبسڊي ڏني هئي. وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبن کان به مدد گهري ته هو عوام کي وڌيڪ سبسڊيز ڏين. وفاقي حڪومت جي درخواست تي صوبائي حڪومتن ٽرانسپورٽرز کي سبسڊي ڏني. سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي 25 ايڪڙ تائين زمين وارن ننڍن آبادگارن کي مالي مدد پهچائي، سنڌ ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙن لاءِ پيپلز فيول سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي مفت هوم سولر ڪٽس فراهم ڪيا پيا وڃن.