ايران جنگ: مهيني ۾ عرب ملڪن کي 186 ارب ڊالرن جو نقصان

ايران جنگ: مهيني ۾ عرب ملڪن کي 186 ارب ڊالرن جو نقصان

نيويارڪ (م ڊ)  ايران جنگ جي هڪ مهيني دوران عرب ملڪن کي 186 ارب ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل عبدالله دردري چيو آهي ته جنگبندي ۾ دير جا عالمي معيشت تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. هڪ مهيني جي جنگ جي نتيجي ۾ عرب خطي جي گڏيل قومي پيداوار ۾ تقريبن 6 سيڪڙو گهٽتائي جو اندازو آهي. عبدالله دردري موجب ايران جنگ جي هڪ مهيني ۾ عرب ملڪن کي 186 ارب ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي جڏهن ته اوڀر بحيره روم جي خطي ۾ اهو نقصان تقريبن 30 ارب ڊالر تائين ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته عرب ملڪن ۾ تقريبن 37 لک نوڪريون ختم ٿي وينديون، گذريل هڪ مهيني ۾ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن يا هليا ويندا. جڏهن ته 86 ملڪن ۾ تيل بحران سبب قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.