ايران جنگ: ”گريٽ گيم“، ”هرٽ لينڊ“، ”رملينڊ“ ٿيوريون ۽ ”نيو ريجنل آرڊر“ … ممتاز بخاري

                 هي انهن ڏينهن جو قصو آهي، جڏهن اڻويهين صديءَ دوران برطانيا پنهنجي بيٺيڪيت جو وڏو ڦهلاءُ ڪري رهيو هو ۽ روس جو زار بادشاهه به پنهنجي سلطنت جون حدون وڌائڻ لاءِ جتن ڪري رهيو هو ته ان حوالي سان هڪ اصطلاح ”گريٽ گيم“ جي ٿيوري عام ٿي هئي، جنهن جو مُک سبب وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا تي انهن ٻنهي طاقتن پاران قبضو ڪرڻ يا پنهنجي سگهه جي واڌاري لاءِ والار ڪرڻ هو. ”گريٽ گيم“ واري ٿيوري هڪ برطانوي جنرل آرٿر ڪونلي Arthur Conolly ڏني هئي. ان ”گريٽ گيم“ اصطلاح اچڻ کان اڳ ” LIEUT-COLONEL DE LACY جي 1828ع ۾ لنڊن مان ڇپيل ڪتاب ON THE DESIGNS OF RUSSIA ڪتاب ۾ سنڌ بابت اهڙي رٿا جو احوال ملي ٿو، ان ڪتاب ۾ ان وقت جي رشيا جي معاشي سياست کي بيان ڪيو ويو آهي. اڻويهين صديءَ دوران روس ۽ فرانس به دنيا تي تسلط وڌائڻ جي جتن ۾ هئا. ان ڪري سنڌو پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي اهميت جي ڪري  دنيا جي انهن وڏين طاقتن جي ”گريٽ گيم“ واري رٿا جي زد ۾ اچي ويو. برطانيا سنڌ تي قبضو اڻٽر ڪري ڇڏيو، ڇو ته ايران واري پاسي کان فرانس ۽ افغانستان واري پاسي کان رشيا جي داخل ٿيڻ جا امڪان ڄاڻايل آهن ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ افغانستان تي قبضو انتهائي ضروري هو، جيڪو ان ڪتاب ۾ به ڄاڻايو ويو آهي.

روس جي وچ ايشيا جي علائقن بخارا، سمرقند وغيره تائين والار ڪرڻ بعد برطانيا کي ان الڪي ورايو ته روس ڏکڻ کان ڀارت ۾ داخل ٿي ويندو. ڇو ته وٽس موجود جاسوسي رپورٽن موجب، روس وچ ايشيا بعد ايران ۽ تبت کان ۽ افغانستان کي قابو ڪندي اڳتي وڌي ايندو ۽ گرم پاڻين تي اچي پهچندو. ان ”گريٽ گيم“ بعد ويهين صديءَ ۾ محدود طريقي سان ”نيو گريٽ گيم“ جو اصطلاح سامهون آيو، جنهن جو مطلب وچ ايشيائي ملڪن سميت ايران جي تيل ۽ گيس تي قبضو ڪرڻ هو ۽ ان حوالي سان روس، آمريڪا ۽ چين جو جيو پوليٽڪس جو اهو مقابلو هلندو رهيو ته ڪير انهن علائقن تي تسلط قائم ڪري ٿو. ”گريٽ گيم“ وارو اصلاح ان وقت مقبوليت جي اوج تي پهتو، جڏهن رڊيارڊ ڪپلنگ لاهور سميت پنجاب جا علائقا – ويندي هماليا تائين پنهنجي ناول ”ڪِم KIM“ ۾ آندا ۽ ان ناول ۾ هن اصطلاح ”گريٽ گيم“ ڪتب آندو. هن روس ۽ برطانيا جي جاسوسي واري راند به ان ۾ ظاهر ڪئي، يعني مُک ڪردار ڪِم جو هماليا جي جبلن ۾ روسي جاسوسن سان مقابلو ٿئي ٿو.

جيو پوليٽڪس جي حوالي سان ٻيو وڏو نظريو ”هرٽ لينڊ ٿيوري Heart Land Theory“ سامهون آيو. هي ٿيوري برطانيا جي هڪ جاگرافي جي ٿيورسٽ هالفورڊ ميڪائنڊري Halford Mackinder  پنهنجي هڪ مشهور مقالي “The Geographical Pivot of History” ۾ 1904ع ڌاري ڏني. اها ٿيوري به لڳ ڀڳ ان ساڳي پس منظر ۾ سامهون آئي ته روس وچ ايشيا ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ برطانيا ان کي روڪڻ جي ڪوششن ۾ آهي، يعني ٻن سامراجي قوتن جي ڇڪتاڻ هئي. ٻئي زميني رستن تي ضابطي لاءِ ڪوششن ۾ هئا ۽ ان دوران ريلوي وارو سفر به برپا ٿي ويو. جهاز به وڌيڪ جدت سان آسمانن ۾ اڏامڻ لڳا. خاص ڪري ريلوي نيٽ ورڪ ۽ زميني رستن وڌڻ جي ڪري روس اڳتي اچي رهيو هو ته ميڪائنڊري ”وچ ايشيا“ کي ان مقالي ۾ هرٽ لينڊ وارن علائقن ۾ شامل ڪيو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن روس يا جرمني ”هرٽ لينڊ“ تي مڪمل قبضو ڪيو ته پوءِ سموري دنيا سندن هٿ هيٺ هوندي. 1904ع واري مقالي ۾ ميڪائنڊري موجب، دنيا جي ”هرٽ لينڊ“ روس، وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ آهي. ان جو سبب اهو آهي ته انهن علائقن جي انيڪ وسيلن جي حوالي سان هاڪ هئي، سامونڊي ڪنارن کان تمام وڏي زمين هئڻ جي ڪري زميني جنگيون کٽڻ سولو نه هو. ان ڪري هن زميني فوج جي اهميت تي گهڻو زور ڏنو. جيو پوليٽڪس تحت اها ٿيوري هن طرح هئي:

”جنهن جو اوڀر يورپ تي ضابطو هوندو، اُن جي ئي ”هرٽ لينڊ“ Heartland تي حاڪميت هوندي؛ جنهن به ”هرٽ لينڊ“ Heartland تي حاڪميت قائم ڪري ورتي، سو ئي دنيا تي حڪمراني ڪندو.“

ٻي مهاڀاري جنگ بعد ۽ 1917ع واري روسي انقلاب جي ڪري صورتحال تبديل ٿي ويئي. توانائي جي شعبي ۾ ڪوئلي جي ڀيٽ ۾ تيل ۽ بجليءَ جي اهميت وڌي ويئي ۽ ان سان گڏ جيو پوليٽڪس ۾ سمنڊ وڏي اهميت وارا ٿي ويا ته ميڪائنڊري 1919ع ۾ ”هرٽ لينڊ“ جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٻي مضمون “Democratic Ideals and Reality”  ۾ هڪ اضافي نظريو آندو، ان ۾ هن بالشوڪ رشيا کي سياسي ۽ اقتصادي اثرن تحت اهميت ڏني. سندس خيال موجب ساڳين علائقن جي زمينن سان گڏ سمنڊن تي ضابطي سان اصل حڪمراني قائم ٿيندي ۽ اتان جي توانائي تي ڪنٽرول رکڻ به ضروري آهي. هن ان اضافي ٿيوريءَ ۾ سموري يورپ تي ضابطي جي ڳالهه ڪئي. ميڪائڊري جي ٿيوري جي جواب ۾ آمريڪي ٿيورسٽ نڪولاس اسپائڪ مين Nicholas Spykman جا ٻه ڪتاب آيا، جن ۾ هن ”هرٽ لينڊ ٿيوري“ کي رد ڪندي ”رملينڊ ٿيوري Rimland Theory“ ڏني. جنهن جو تت هي نڪرندو ته: ”جنهن رملينڊ Rimland  تي ضابطو ڪري ورتو، يوريشيا تي ان جي حاڪميت ٿي ويندي، ۽ جنهن يوريشيا تي حڪمراني ڪري ورتي، دنيا جي تقدير ان جي هٿن ۾ هوندي.“

سندس ”رملينڊ“ نظريئي موجب وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جا سامونڊي علائقا سڀ کان وڌيڪ اهميت وارا ڏنل آهن. هن حوالي سان پنهنجن ٻن ڪتابن America’s Strategy in World Politics (1942) ۽ The Geography of the Peace (1944) ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي. ٻنهي مهاڀاري لڙاين کان وٺي ڪولڊ وار تائين انهن جيوپولٽڪس جي ٿيورين کي عملي شڪل ۾ ڏسبو ته انهن جا ڪجهه حصا عملي روپ حاصل ڪندي نظر اچن ٿا. خاص طور تي جيڪي وڏا جنگي اتحاد ٺهيا. نڪولس اسپائڪ مين زميني جي ڀيٽ ۾ سامونڊي رستن ۽ رملينڊ جي ساحلن کي وڏي اهميت سان ڏسي ٿو. ان سان گڏ هو اتي فوجي اڏن کي قائم ڪرڻ جي صلاحيت کي اصل ضابطي جو سبب سمجهي ٿو. ان سان گڏ هو ان ڳالهه جو به ڌيان ڇڪرائي ٿو ته سگهاريون رياستون به رملينڊ ۾ آهن. آمريڪا جي فوجي يا جيوپوليٽڪل حڪمت عملي ۾ رملينڊ ٿيوري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو ۽ خاص طور تي سندس وچ اوڀر ۾ مداخلت ان ڳالهه جو چٽو نمونو آهي.

رملينڊ بعد هڪ ٻيو نظريو به سامهون آيو، جنهن کي ”سامونڊي طاقت جو نظريو Sea Power Theory“ چئبو آهي، جيڪو Alfred Thayer Mahan پنهنجي ڪتاب The Influence of Sea Power upon History ۾ ڏنو. سندس نظريئي موجب: ”جنهن به سمنڊ تي ضابطو ڪري ورتو، اهو دنيا جي واپار توڙي سگهه تي حاڪميت قائم ڪري وٺندو.“ سندس ”طاقت“ مان مراد سامونڊي فوجي سگهه آهي. دنيا ۾ آمريڪا، چين ۽ روس جي ان حوالي سان وٺ وٺان لڳي پئي آهي. 1990ع کان جڏهن اڳوڻي سوويت يونين جي ٽٽڻ جا پڪا امڪان پيدا ٿيا هئا ۽ جارج ڊبليو بش (سينئر) آمريڪا جو صدر ٿيو ته هن ”نيو ورلڊ آرڊر“ جو اصطلاح ڪتب آندو، جنهن جو مقصد ته عالمي امن قائم ڪرڻ ۽ طاقت جو توازن برقرار رکڻ هو پر ستت ئي سوويت يونين جو خاتمو ٿيو ۽ دنيا هڪ قطبي ٿي ويئي. آمريڪا نار ۾ داخل ٿي ويو، عراق تي چڙهائي ڪري ڏني ۽ وچ اوڀر جنگ جو ميدان بڻجي ويو. اهو ”نيو ورلڊ آرڊر“ به امن جي نالي تي جنگين جي ور چڙهيل رهيو.

اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالاجي واري سگهه حاصل ڪرڻ واري جاکوڙ سان گڏ وڏا ملڪ زميني، سامونڊي، هوائي ۽ اقتصادي سگهه وارين حڪمت عملين سان جنگيون جوٽي رهيا آهن، جيئن اهي ”هرٽلينڊ ۽ رملينڊ“ تي حاڪميت قائم ڪري سگهن. انهن ملڪن ۾ خاص ڪري آمريڪا، چائنا ۽ روس شامل آهن ۽ ضمني طور يورپ به انهن ڪوششن ۾ آهي. جڏهن پاڻ ”رملينڊ“ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ نار وارا هرموز ۽ مندب لنگهه به اچي وڃن ٿا، جيڪي هن وقت دنيا ڏانهن وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گيس سپلاءِ ڪرڻ جا لنگهه آهن. مندب تي ايراني حمايتي حوثي ڪنهن به وقت چر پر ڪري ڪاروايون ڪن ٿا ۽ هاڻوڪي ايران تي مڙهيل اسرائيل_آمريڪا جنگ کانپوءِ ايران هرموز لنگهه کي جنگي ۽ اقتصادي حڪمت عملي تحٽ ڀرپور نموني استعمال ڪري دنيا جي جيوپوليٽڪس ۾ ان لنگهه تي پنهنجي ضابطي کي ثابت ڪيو آهي. ان ڪري عالمي سياست جا به رخ مٽجي ويا آهن ۽ نئين الائنمٽ پيدا ٿي رهي آهي.

ايران جنگ دوران، ايران پاران اسرائيل کي مخاطب ٿي ”نيو ريجنل آرڊر“ لاءِ تيار رهڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. يقيني طور ايران جو اهو چتاءُ ان ڪري سامهون آيو آهي، جو جنگ دوران هرموز لنگهه تي ان جي ضابطي واري پاليسي گهڻي حد تائين ڪامياب ٿي آهي. ان ”نيو ريجنل آرڊر“ ۾ نار جي ان ”ريجنل آرڊر“ کي تبديل ڪرڻ جو چتاءُ آهي، جنهن تحت هن خطي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي سڌي يا اڻ سڌي طرح ضابطي هيٺ رکيو ويٺا هئا. نار جا گهڻا ملڪ آمريڪا جي پاسي بيٺل رهيا آهن. خطي ۾ جنگ مسلسل ڇانيل رهي آهي. ايران وچ اوڀر ۾ لڳ ڀڳ اڪيلو رهيو آهي پر ان جا شيعا حمايتي گروپ عراق، شام، يمن ۽ لبنان ۾ متحرڪ رهيا آهن. هاڻوڪي جنگ ۾ ايران کي سفارتي حوالي سان چين ۽ روس جي حمايت رهي آهي، پر چين ڪجهه منجهيل به آهي، جو اهو نار جي عرب ملڪن سان به ساڳي طرح ويجها تعلقات رکندڙ آهي. پر گڏيل قومن (UN) ۾ ايران جنگ جي حوالي سان آيل قراردادن مان چين جو لاڙو ايران ڏانهن نظر آيو آهي. جڏهن ته هوڏانهن يورپ جي اهم ملڪن برطانيا، جرمني، فرانس، اسپين ۽ ٻين آمريڪا کي جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ آمريڪا جي زور تي هلندڙ نيٽو NATO به آمريڪي صدر کي جواب ڏيئي ڇڏيو. ايران هڪ ئي وقت اسرائيل، سعودي عرب، ڪويت، گڏيل امارتن، قطر، يمن تي حملا ڪري دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ مٿس تيرنهن هزارن کان مٿي حملا ڪيا ويا آهن. جنگ کي مهينو گذرڻ بعد ايران جڏهن ڏٺو ته اهو وڏي تباهي باوجود آمريڪا جهڙي طاقت سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو آهي ته ان موقعي تي ان ”نيو ريجنل آرڊر New Regional Order “ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڳ وارن نظرين کي ڏسجي ته ايران ”سامونڊي لنگهن“ تي ضابطي وسيلي دنيا ۾ پنهنجي سگهه جو هڪ نئون بنياد وجهڻ چاهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته ايران وچ اوڀر ۾ طاقت جي به نئين الائنمنٽ قائم ڪرڻ چاهيندو، جنهن ۾ وٽس اها رٿا هوندي ته اهو اڳ وارن اتحادن تي اثرانداز ٿئي ۽ نوان اتحاد جوڙي. ٻي پاسي ان نئين آرڊر ۾ پاڪستان، مصر ۽ ترڪي هڪ وچٿري گروپ طور به سامهون آيا آهن- خاص ڪري ايران جنگ روڪرائڻ واري سفارتڪاريءَ ۾. ايران جي ان نئين آرڊر جو يقيني طور محور تيل ۽ گيس آهي, جيڪي سندس اثر وارن سامونڊي لنگهن مان گذرن ٿا. ان ڪري ايران سان سڌي طرح مهاڏي ۾ آيل اسرائيل ۽ اڻسڌي طرح عرب ملڪ آهن. ايران ۽ آمريڪا کي هن جنگ مان توانائي واري سياست جي ڪري طاقت جي توازن جو مدار سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته اهو سامونڊي لنگهن تي ضابطي سان بدلجي سگهي ٿو. ايئن پيو لڳي ته ايران به آمريڪا جيان ”هرٽ لينڊ“ ۽ ”رملينڊ“ نظرين واري تصور کي سمجهي ان مان اها ”نيو ريجنل آرڊر“ واري ٿيوري سامهون آندي آهي، جنهن سان ان کي روس ۽ چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مدد ملندي. هاڻ يا ته ايران هڪ علائقائي طاقت طور اڀرندو يا وري اڪثر عرب ملڪ، اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي سڌي ۽ اڻسڌي طرح مڪمل طور چٿڻ جي ڪوشش ڪندا، ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته لَنگهن واري طاقت ثابت ڪرڻ بعد جيڪڏهن ايران کي ايٽمي طاقت اچي ويئي يا ان جي ڏُور مار ميزائلن واري صلاحيت برقرار رهي ته پوءِ اهو سڀني کي مسلسل ڳڻتي ۾ رکي سگهي ٿو.