طوفان کان اڳ هڪ مخصوص قسم جي خاموشي ڇائنجي ويندي آهي—اها امن جو سڪون نه، پر ڪنهن نه کٽندڙ مامري جي بي چينيءَ واري ماٺار هوندي آهي. 12 اپريل کانپوءِ، اها خاموشي عالمي سطح تي محسوس ٿي رهي آهي.
اپريل 11 ۽ 12 جي شروعات ۾ هڪ ننڍڙي عرصي لاءِ اسلام آباد محتاط اميدن جو مرڪز بڻجي ويو. سفارتڪار ڪنهن وڏي توقع سان نه، پر صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجهندي اتي پهتا هئا. مقصد معمولي هو: تڪرار گهٽائڻ لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ، ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ، ۽ شايد صرف شايد صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ. ميزبان طور پاڪستان جو ڪردار اهم هو. اهو هڪ خاموش تمنا جي عڪاسي هئي ته پنهنجي فوري خدشن کان اڳتي وڌي عالمي استحڪام ۾ حصو وجهجي. هن وڌندڙ تقسيم واري دنيا ۾ اهڙيون ڪوششون اهميت رکن ٿيون. پر سفارتڪاري، جيئن تاريخ اسان کي ياد ڏياريندي رهي ٿي، جيتري نيت تي ٻڌل هوندي آهي، اوتري ئي وقت (Timing) جي به محتاج هوندي آهي. ڳالهيون معطل ٿي ويون. موقف سخت رهيا. اعتماد، جيڪو اڳ ئي گهٽ هو، وٿين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت نه ٿيو. جڏهن وفد روانا ٿيا، ته اهي صرف هڪ اڻپوري ايجنڊا ڇڏي نه ويا، پر هڪ خال (Vacuum) ڇڏي ويا. ۽ جيو پوليٽڪس ۾، خال گهڻو وقت خالي ناهي رهندو. دٻاءُ واري سياست جي واپسي
ان خال ۾ هڪ واقف قوت قدم رکيو: “ڇڪتاڻ ۾ واڌ”. ڊونالڊ ٽرمپ جي لفظي گولا باري تيز ۽ چٽي هئي. جتي سفارتڪاريءَ هٻڪ پئي ڏيکاري، اتي هاڻي دٻاءُ اڳتي وڌيو. ڳالهين جي ٻولي هاڻي طاقت جي ٻوليءَ ۾ تبديل ٿي وئي. بحري ناڪابندي، اسٽريٽجڪ وارننگون، ۽ طاقت جي استعمال جي اڻ سڌي ڌمڪي.
هن ڊرامي جي مرڪز ۾ ‘هرمز جو لنگھہ’ آهي، جيڪو پاڻيءَ جو هڪ سوڙهو رستو آهي پر ان جي اهميت تمام وڏي آهي. اهو صرف هڪ لنگھ ناهي، پر هڪ لائف لائن آهي. دنيا جي توانائيءَ جو هڪ وڏو حصو اتان لنگهي ٿو، جيڪو معيشتن کي ڳنڍي ٿو ۽ وچ اوڀر کان پري تائين صنعتن کي جيئرو رکي ٿو. جڏهن اهڙو لنگھ تڪرار جو مرڪز بڻجي ٿو، ته ان جا نتيجا فوري طور تي ٻاهر نڪرن ٿا. تيل جون مارڪيٽون ردعمل ڏين ٿيون، انشورنس جا اگھ وڌن ٿا، ۽ شپنگ ڪمپنيون رستن تي ٻيهر غور ڪن ٿيون. اوچتو، پاڻيءَ جي هڪ سوڙهي پٽي پوري دنيا جو مسئلو بڻجي وڃي ٿي.
هڪ مختلف جواب: ايران جون سوچيل سمجهيل پاليسيون
جيڪڏهن آمريڪا لفظن ذريعي ڇڪتاڻ جو اشارو ڏنو، ته ايران حڪمت عملي ذريعي جواب ڏنو. اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) سڌي سنئين مقابلي ۾ تڪڙ نه ڪئي. ان جي بدران، هنن وڏي مهارت سان گرفت مضبوط ڪئي، بغير ڪنهن وڏي جنگ کي ڇيڙڻ جي. ٻيڙين کي خبردار ڪيو ويو، رستا متاثر ڪيا ويا، ۽ هڪ پيغام پهچايو ويو: ته دٻاءُ جو جواب بغير جواب جي نه ڇڏيو ويندو. اهو انداز جديد تڪرارن جي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو. طاقت هاڻي صرف سڌي ويڙهه سان ظاهر نه ٿيندي آهي، پر اها اثر رسوخ، رڪاوٽون وجهڻ ۽ خطري جي درست اندازي سان استعمال ڪيو ويندو آهي. ايران سمجهي ٿو ته نتيجن کي پنهنجي مرضيءَ موجب موڙڻ لاءِ کيس رڳو جنگي ميدان فتح ڪرڻ جي ضرورت ناهي، کيس صرف دٻاءُ جي قيمت کي عالمي سطح تي ظاهر ڪرڻو آهي.
چين جو خاموش انداز:
جتي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، ڪجهه رانديگر هڪ مختلف رستو اختيار ڪن ٿا. اڻ هوند جو نه، پر ضبط جو. چين هن بحران کي هڪ مستحڪم ۽ سوچيل سمجهيل خاموشيءَ سان ڏسي رهيو آهي. ان جا بيان ڳالهين تي زور ڏين ٿا ۽ عمل احتياط جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن ٻنهي جي پويان هڪ واضح ترجيح آهي: استحڪام. چين لاءِ هي معاملو صرف خيالي ناهي. توانائيءَ جي سيڪيورٽي، واپار جو تسلسل ۽ معاشي واڌ ويجهه جو دارومدار عالمي نظام جي بهتر هلڻ تي آهي. خليج ۾ ڪا به رڪاوٽ چين لاءِ پري ناهي، پر فوري اثر رکندڙ آهي. تنهن هوندي به، چين جي حڪمت عملي مقابلو ڪرڻ نه پر معاملي کي سنوارڻ آهي.
روس- اصولن ۽ حقيقت پسندي جي وچ ۾:
ٻئي طرف روس وڌيڪ پڌرو موقف اختيار ڪيو آهي. ماسڪو پاران اولھ جي کنيل قدمن تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڳالھ ڪئي وئي آهي. پر ان بيان بازيءَ جي پويان هڪ گهري حڪمت عملي آهي. روس هن بحران کي تمام گهڻي توجھ سان ڏسي رهيو آهي. هو خطرن کي به سڃاڻي ٿو ته موقعن کي به. هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي توانائي مارڪيٽون دٻاءُ هيٺ آهن، اتي اهڙيون رڪاوٽون نوان دروازا به کولي سگهن ٿيون.
وچٿرو رستو:
تمام گهٽ ملڪ هن وقت جي پيچيدگي کي ترڪيہ وانگر ظاهر ڪن ٿا. جاگرافيائي ۽ سياسي طور ترڪيہ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي جتان هو يورپ سان به ڳنڍيل آهي، وچ اوڀر ۾ به شامل آهي ۽ پنهنجي موقف تي به اٽل آهي. انقره ٻنهي ڌرين کي ضابطي ۾ رهڻ جو چيو آهي. هي هڪ نازڪ توازن آهي، جنهن لاءِ لچڪ ۽ عزم ٻنهي جي ضرورت آهي. سفارتڪاري، چاهي ڪيتري به اڻپوري هجي، پر اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو تباهي ڏانهن نٿو وڃي. اسلام آباد جي ڳالهين جي معطلي هڪ رڪاوٽ ضرور هئي، پر اهو قصي جو پڄاڻي ناهي. اڃا به گنجائش آهي، چاهي ڪيتري به گهٽ هجي پر ڳالهيون ٻيهر شروع ٿين ۽ ڇڪتاڻ گهٽجي. پر اها گنجائش گهٽبي پئي وڃي، ۽ تاريخ گواهه آهي ته جڏهن اهڙا موقعا هٿان نڪري ويندا آهن، ته اهي وري ڪڏهن موٽي ناهن ايندا.