| ايران جوهري هٿيار نه رکڻ تي راضي آهي: ٽرمپ جي دعويٰ |
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ قطر ۾ ٿيندڙ اجلاس اهم به ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ شايد نه به. اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي ته ايران جوهري هٿيار نه رکڻ تي راضي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي پيٽروليم شين جون قيمتون به گهٽجي رهيون آهن. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته خام تيل جو ھاڻوڪو اگھھ ايران سان تڪرار کان اڳ واري سطح کان به گهٽ آهي.