| ايران جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ 13 لبناني اهلڪار شهيد |
بيروت/تهران (م ڊ) اسرائيل پنهنجا لبنان تي حملا جاري رکيا، ايران جو زخمي ٿيل اڳوڻو پرڏيهي وزير ڪمال خرازي شهي ٿي ويو. مليل اطلاعن موجب اسرائيل لبنان جي سڄي ڏاکڻي حصي، اولهندي بِقاع وادي کان نباطيه تائين حملا ڪيا هڪ حملي ۾ 13 کان وڌيڪ لبناني رياستي سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا. لبناني سول ڊفينس اهلڪار ريسڪيو ۾ مصروف هئا. ڏکڻ اولهه محاذ تي به حملا ڪيا ويا. جڏهن ته حزب الله اسرائيل ۾ راڪيٽن سان حملو ڪيو. ٻئي طرف ايران جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ڪمال خرازي شهيد ٿي ويو. ڪمال خرازي ڪجهه ڏينهن اڳ حملي ۾ زخمي ٿيو هو ۽ سندس گهرواري شهيد ٿي وئي هئي.