ايران جو ترڪي تي ميزائل حملو، ڊفينس سسٽم سان تباهه

ايران جو ترڪي تي ميزائل حملو، ڊفينس سسٽم سان تباهه

انقرا (م ڊ) ترڪ فضائي حدن ڏانهن ايندڙ ايراني ميزائل کي نيٽو جي ايئر ڊفينس سمنڊ اوڀر رومي سمنڊ ۾ تباهه ڪري ڇڏيو. ترڪ بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايران مان فائر ڪيل هڪ بيلسٽڪ ميزائل شام ۽ عراق مان گذري ترڪ فضائي حدن ڏانهن وڌي رهيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ترڪي پنهنجي خلاف ڪنهن به قدم جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جڏهن ته سمورين ڌرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي تڪرار وڌائڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.