خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

ايران جو رياستي بحران، امڪاني نتيجا ۽ پاڪستان سميت خطي تي پوندڙ اثر! … ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي

                 ايران جيڪو شيعا فرقي جو وڏو روحاني مرڪز آهي، سندس اثر پاڪستان، عراق، شام، لبنان، يمن ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن تائين پکڙيل آهي، اڄ اهو وڏي گهيري هيٺ آهي. ڊسمبر 2025 جي آخري هفتي کان ايران ۾ حڪومت خلاف احتجاج تيزي سان وڌندا پيا وڃن ۽ اها باهه ايران جي ننڍن وڏن شهرن تائين پکڙجندي پئي وڃي. انهيء جي شروعات ته تهران جي مرڪزي بازار جي واپارين طرفان مهانگائي ۽ ايراني ڪرنسي ريال جي ڊالر جي ڀيٽ ۾ تيزيءَ سان ڪرندڙ ماليت سبب ٿي، پر هاڻي عوام جا وسيع حلقا انهيء ۾ شامل ٿي ويا آهن. ايران ۾ احتجاج ڪندڙن جو مطالبو مهانگائي ختم ڪرڻ بدران اسلامي جمهوري رياست ۽ رجيم جي خاتمي تائين وڃي پهتو آهي. هن تحريڪ جي وڌندڙ دائري ۽ تسلسل ايراني حڪمرانن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايراني صدر طرفان غريب ايرانين جي مالي مدد وارو پيڪيج به هن وقت تائين بي اثر ثابت ٿيو آهي. هن ايراني عوام جي بيچينيءَ جي پٺيان آمريڪي سازش ۽ معاشي تباهيءَ سان گڏوگڏ مذهبي پابنديون ۽ ڊگهي عرصي جو رياستي جبر به شامل آهي. 

هن بيچينيءَ جو فوري ڪارڻ ته ايراني ڪرنسي جي مالياتي سگهه ۾ تيزي سان لاٿ هئي. ڊسمبر 2025 ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 10 لک ريال بدران 14 لک 50 هزار ريال ٿي ويو، جنهن تي تهران جي مرڪزي بازار جي واپارين پنهنجا دڪان بند ڪري احتجاج جو آغاز ڪيو. جنوري 2026 ۾ ريال جي قيمت ۾ ٿوري وڌيڪ گهٽتائي ٿي، پر اها لاٿ ايتري وڏي نه هئي. انهيء لاٿ جا اثر سمورن عام ايرانين جي زندگي تي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جي شڪل ۾ پيا. بنيادي خوراڪ جون شيون مهيني اندر ٽيڻي قيمت جون ٿي ويون. دوائون مهانگيون ۽ ناياب ٿي ويون، تيل ۽ ٽرانسپورٽ جا اگهه وڌي ويا. ماڻهن کي ملندڙ پگهارن جي قوت خريد اڌ به نه بچي. ماڻهن جي سالن کان بينڪن ۾ رکيل بچت واري رقم پنهنجي ماليت وڃائي ويٺي ۽ وچولي طبقي جا وڏا حصا اڌ مهيني اندر غربت جي ليڪي کان هيٺ هليا ويا.

تهران جي تاريخي مکيه بازار جا واپاري، جيڪي هميشہ مذهبي ۽ سياسي طرح بااثر رهيا آهن ۽ انهن شاهه ايران جي حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، انهن پهريون ڀيرو وڏي پئماني تي هن معاشي مايوسيءَ کي اجتماعي مزاحمت ۾ تبديل ڪيو. جڏهن انهن دڪان بند ڪري احتجاج ڪيو ته ان جو اثر بازار جي تنگ گهٽين مان ٻاهر نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙجڻ لڳو. ٿوري ئي وقت ۾ اصفهان، شيراز، تبريز ۽ مشهد جهڙن شهرن ۾ به وڏيون هڙتالون شروع ٿي ويون. جيڪي مطالبا شروع ۾ صرف ايراني ريال جي حيثيت بحال ڪرڻ ۽ مهانگائي گهٽائڻ تائين محدود هئا، اهي جلدي سياسي نعرا بڻجي عوام جي وسيع حلقن ۾ پکڙجي ويا. ڪرپشن، نااهلي ۽ بي حساب اختيارن خلاف آواز، سڌي طرح ايراني حڪومت جي روحاني اڳواڻ ۽ فوج جي ڪمانڊر انچيف، علي خامنائي جي حڪمرانيءَ جي خاتمي ۽ اسلامي جمهوري رياست جي ڍانچي کي ڊاهڻ جي مطالبن ۾ تبديل ٿي ويا.

جيستائين ايران جي معاشي تباهيءَ جو سوال آهي ته ان جو وڏو سبب، آمريڪا ۽ سندس اتحادي مغربي ملڪن پاران ايران تي مڙهيل معاشي پابنديون آهن، جيڪي 1979 ۾ آمريڪي سفارتخاني جي قبضي وقت کان لاڳو ڪيون ويون. آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ ايران، پنجن ملڪن يعني آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، روس ۽ چين سان معاهدو ڪيو ته هو پنهنجي نيوڪلئير وسيلن ۽ يورينيم جي صلاحيت کي 10 سالن اندر گهٽائيندو ۽ انهيء جي بدلي ۾ کيس سندس تيل جي وڪري جي اجازت ملندي. پر 2018 ۾ صدر ٽرمپ جي پهرئين دور ۾ آمريڪا، سندس پاليل عالمي غنڊي اسرائيل جي چوڻ تي انهيء معاهدي تان ڦري ويو ۽ ايران تي هڪ دفعو وري سخت معاشي پابنديون لاڳو ڪيون ويون. آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٻي دور 2025 ۾ معاهدي ختم ٿيڻ کانپوءِ ايران جي ائٽمي صلاحيتن، ميزائل ٺاهيندڙ ڪارخانن، فوجي ڇانوڻين، ۽ مکيه اڳواڻن تي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان وڏا حملا ڪري سخت نقصان پهچايو ويو. صدر ٽرمپ جي هاڻوڪي دور ۾ آمريڪي پاليسي آهي ته چين جي ترقيءَ کي روڪڻ جي لاءِ کيس توانائي ۽ معدني وسيلن کان محروم ڪيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو شروعات ۾ لاطيني آمريڪا جي ملڪ پاناما، آمريڪي حملي جي ڌمڪين سبب چين سان ڪيل سامونڊي رستن کي ڳنڍيندڙ ڪينال تي نئين ٺهندڙ بندرگاهه جو معاهدو رد ڪري آمريڪا جي فوجين کي ٽن سالن تائين ڪينال جي سار سنڀال جو معاهدو ڪيو. تازو آمريڪا لاطيني آمريڪا جي ٻئي ملڪ وينزويلا تي حملو ڪري ان جي صدر کي گهرواريءَ سميت اغوا ڪيو آهي ۽ چين ڏانهن ويندڙ تيل جي ٽينڪرن کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو آهي. هاڻي ايران ۾ سياسي تبديلي آڻي هتان به چين ڏانهن ويندڙ تيل جي رسد کي بند ڪرائڻ جو پروگرام اٿس. آمريڪا وٽ سياسي تبديلي آڻڻ جا ٻه پراڻا آزمايل نسخا آهن، پهريون سندس جاسوسي اداري سي آئي اي جي معرفت حڪومت جي اهم ماڻهن کي پنهنجو ايجنٽ ٺاهي سندن مدد سان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ. ٻيو نسخو آهي ڪنهن به ملڪ تي مسلسل سخت معاشي پابنديون مڙهي عوام کي سخت تڪليف ۾ وجهڻ ۽ پوءِ پنهنجن ايجنٽن جي مدد سان عوامي تحريڪون هلائي يا ته ملڪن کي ٽوڙڻ يا حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ، ايران تي هاڻي اهو نسخو آزمائجي پيو.

هن وقت ايران ۾ تيزيءَ سان اڀرندڙ سياسي تحريڪ وڌيڪ پيچيده ۽ گهڻ رخي آهي. ڪيترن ڏهاڪن کان آمريڪي ۽ سندس اتحادين جي لاڳو ڪيل معاشي پابندين،  ايراني حڪومت جي نظام ۾ پئدا ٿيندڙ ڪرپشن جي تصور، غير شفاف حڪمراني ۽ معاشي وسيلن جو خاص ادارن، خاص ڪري اسلامي انقلابي محافظن، جي هٿن ۾ مرڪوز ٿيڻ، انهن وسيلن جو لبنان، شام، عراق، يمن ۽ غزا ۾ خرچ ٿيڻ ۽ سندن بي پناهه اختيارن، عوامي سهپ کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻوڪو معاشي جهٽڪو، حڪومت جي سياسي وجود لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. ايراني عوام هاڻي وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرنسي جي لاٿ کي عالمي حالتن جو نتيجو نه، پر حڪمرانن جي ڄاڻي واڻي اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو سمجهي ٿو.

هن سوچ پئدا ڪرڻ ۾ آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي پابندين جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو، جيڪي هڪ طرف معاشي بدحاليءَ جو سبب بڻيون آهن ته ٻي طرف سياسي تڪرار جي محور طور ڪم ڪري رهيون آهن. آمريڪا جي ايٽمي معاهدي مان نڪرڻ کان پوءِ لاڳو ٿيندڙ سخت پابندين ايران جي معيشت کي آهستي آهستي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. تيل جي برآمدات، بئنڪنگ نظام، سامونڊي واپار، انشورنس ۽ عالمي مالي نظام تائين رسائيءَ تي لڳل پابندين رياستي آمدني کي گهڻو گهٽائي ۽ ايران کي عالمي واپار کان تقريبن الڳ ڪري ڇڏيو آهي. انهن پابندين جي ڪري تيل، جيڪو ايران جي معيشت جو بنياد آهي، غير يقيني ۽ ڳجهن واپارين ذريعي انتهائي گهٽ قيمتن تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. مٿان تيل جي رفائنريز ۽ تيل جي نون ذخيرن جي ڳولا تي پرڏيهي سيڙپڪاري لڳ ڀڳ مڪمل طرح ختم ٿي وئي آهي. ڊالر ۽ ٻين مکيه ڪرنسين تائين رسائي محدود ٿي وئي، جنهن حڪومت کي واپاري توازن کان وڌيڪ ريال ڇاپڻ ۽ عارضي مالي قدمن تي مجبور ڪيو، جنهن ايراني ريال جي لاٿ کي تيز ڪيو آهي.

هاڻوڪو احتجاج، 2022 جي احتجاجن کان ڪافي مختلف آهي. عورتون ۽ نوجوان اڄ به اڳئين صفن ۾ آهن، پر معاشي تباهي، هن تحريڪ ۾ عورتن جي آزاديءَ سان گڏوگڏ بنيادي مسئلن سان ڳنڍيل آهي، جنهن کيس سماج جي وسيع حصن تائين پهچائي ڇڏيو آهي. مزدور، رٽائرڊ ماڻهو، ننڍا واپاري ۽ روايتي طور قدامت پسند پورهيت طبقو به روڊن تي نڪري آيو آهي. ڪرد ۽ بلوچ علائقن ۽ ٻين نظرانداز ڪيل صوبن ۾ احتجاج وڌيڪ شديد ٿي رهيو آهي، جيڪو پراڻي ناانصافي ۽ محروميءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪنهن واضح قيادت جي نه هجڻ جي باوجود، هن تحريڪ کي رياستي دهشت ذريعي تڪڙو ختم ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت بيانن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. جنوريءَ جي شروعات کان وٺي ٽرمپ ڪافي دفعا ايران کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن پرامن مظاهري ڪندڙن کي قتل ڪيو ويو ته آمريڪا حملي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن احتجاج ڪندڙن جي واکاڻ ڪئي ۽ فوجي ايڪشن جا اشارا ڏنا آهن، جيڪي سندس وينزويلا ۾ اختيار ڪيل پاليسيءَ جي ياد ڏيارين ٿا. اهي بيان احتجاج ڪندڙن لاءِ اخلاقي سهارو بڻيا يا نه، پر ايراني حڪومت لاءِ هڪ طاقتور پروپيگنڊا جو هٿيار ثابت ٿيا آهن. ايراني روحاني اڳواڻ، علي خامنائي، 9 جنوريءَ جي تقرير ۾ ٽرمپ کي متڪبر ۽ عالمي خوني قرار ڏنو ۽ پرڏيهي سازشن جي بيانئي کي ٻيهر پيش ڪيو آهي. حڪومت آمريڪي مفادن خلاف ردعمل جي ڌمڪي به ڏني آهي، جنهن سان علائقائي تڪرار وڌڻ جا خدشا وڌي ويا آهن.

ايراني اسلامي رياست جي سگهه اهل تشيع جي اڳواڻي، قومپرستي ۽ جبر جي ميلاپ مان پيدا ٿئي ٿي. سپريم ليڊر مذهبي ۽ سياسي اختيارن کي گڏ ڪري پاڻ کي اسلام ۽ قومي خودمختياريءَ جو محافظ پيش ڪري ٿو. هي بيانيو اڄ به ايران جي قدامت پسند طبقن، ڳوٺاڻن ۽ رياستي سهوليتن تي ڀاڙيندڙ ماڻهن ۾ اثر رکي ٿو. ايراني اسلامي انقلابي محافظن جا دستا نه رڳو فوجي قوت آهن، پر هڪ وڏو معاشي نظام به سنڀالين ٿا. انهن جي دولت ۽ طاقت کي خطري ۾ وجهندڙ ڪا به سياسي تبديلي انهن جي لاءِ ناقابل قبول آهي ۽ اهي هن نظام کي بچائڻ لاءِ هر وسيلو ۽ طريقو استعمال ڪندا.

ايران جي صورتحال اڃا غير يقيني آهي. احتجاج ختم ٿيندي نظر نٿا اچن، پر سيڪيورٽي ادارن ۾ چٽا اندريان تضاد به ظاهر نه ٿيا آهن. اهڙن تضادن کانسواءِ ايران يا هن خطي ۾ تحريڪون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيون آهن. بهرحال، هاڻوڪي عوامي بغاوت ظاهر ڪري ٿي ته ايراني رياست ۽ عوام جي وچ ۾ سماجي معاهدو وڏي حد تائين ڪمزور ٿي چڪو آهي. هي بحران نه صرف اندروني ناڪامي پر پرڏيهي دٻاءُ جو نتيجو به آهي. جيستائين هي سلسلو نه ٽٽندو، ايران، معاشي زوال ۽ سياسي اٿل پٿل جي ور چڙهيل رهندو، جتي هر نئين احتجاجي لهر اڳئين کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي. پر جيڪڏهن هن وقت ايران جي اسلامي رياست تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مدد سان احتجاج ڪندڙ قبضو ڪن ٿا ته انهيء جو اثر صرف ايران تي نه پوندو. پر اهو هڪ اهڙو طوفان هوندو، جنهن جا اثر ايراني حڪومت سان ڳنڍيل سڄي دنيا جي اهل تشيع جي ڪميونٽي تي پوندا. چين، ايران جي تيل کان محروم ٿي ويندو. روس پنهنجي هڪ اسٽريٽجڪ اتحادي کان محروم ٿي ويندو. يمن جا حوثي، لبنان جي حزب الله، عراق جي شيعا مليشيا ۽ ٻيا گهڻا مالي ۽ جنگي مدد کان محروم ٿي ويندا. هن وقت ايران هڪ ملڪ نه پر مذهبي سڃاڻپ آهي، جنهن جي وڃڻ سان وڏو سياسي خلا پئدا ٿيندو. خود اهو به وڏو سوال آهي ته، پاڪستان جي سرحد تي جيڪڏهن نئين اسرائيل ۽ آمريڪا نواز ايراني حڪومت وجود ۾ آئي ته ڪٿي اها طالبان وانگر نوان خطرا ته نه پئدا ڪندي!