بندرعباس (م ڊ) ايران جي سرڪاري ميڊيا اعلان ڪيو ته نيول چيف ايڊمرل علي رضا تنگسيري جي جنازي نماز اڱاري تي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز شهر بندر عباس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سحر عالمي نيٽ ورڪ مطابق جنازي ۾ ايران جي شهيدن سان پيار ڪندڙ ماڻهن، سرڪاري عملدارن ۽ شهيدن جي خاندانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. جنازي شهيد دباغيان پارڪ کان شروع ٿي، جتان شهيد جي مڙهه کي جلوس جي صورت ۾ جامع مسجد ۽ بندر عباس انقلاب اسڪوائر ڏانهن آندو ويو. جنازي دوران هرمزگان صوبي جي ماڻهن سينه ڪوبي ڪئي ۽ مختلف نعرا هنيا.