ايران ۾ جاري موجوده حالتن کي ڏسي اهو آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اتي جو معاملو ايترو سادو يا هڪ طرفو نه آهي، جيترو سمجهيو پيو وڃي؛ جڏهن ته حقيقي طور هي گهڻ سطحي ۽ پيچيدگين سان ڀرپور سُٽَ جيان منجهيل مامرو آهي. هن ۾ تاريخ، مذهب، قوميت، علائقائي سياست، عالمي طاقتون ۽ عوامي نفسيات سڀ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. 1979 جي انقلاب کان پوءِ ايران هڪ اهڙي رياست طور سامهون آيو، جنهن جو سياسي بُنياد مذهبي هو ۽ جيڪو پاڻ کي عالمي سطح تي هڪ انقلابي تصور سان متعارف ڪرائي پيو. ان سان گڏ ايران جي جاگرافيائي اهميت، نارَ ۾ موجودگي، تيل، گيس ۽ واپاري رستن، هن ملڪ کي هميشه بين الاقوامي سياست جي مرڪز ۾ رکيو آهي. اها ته ٿي ان جي اهميت، ٻئي پاسي عوامي زندگيءَ ۾ معاشي مسئلا، پابنديون، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، بيروزگاري ۽ بدانتظامي ماڻهن ۾ بيچيني وڌائين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ وقت بوقت حڪومت خلاف تحريڪون جنم وٺن ٿيون. پر ايران جي حڪومتي ڍانچي ۾ فوجي، مذهبي ۽ انٽيليجنس جو سخت ڪنٽرول اهڙين تحريڪن کي گهڻو اڳتي وڌڻ نٿو ڏئي. هن سڄي مامري ۾ اهو پڻ ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته ايران ۾ ٿيندڙ هر تبديلي صرف اندروني معاملن جو نتيجو نه هوندي، پر آمريڪا، اسرائيل، سعودي عرب ۽ ٻين علائقائي طاقتور رياستن جا مفاد به ان سان ڳنڍيل آهن. تنهنڪري ايران جو سياسي مستقبل صرف هڪ سوال نه، پر ڪيترن منجهيل جوابن جو مجموعو آهي، جن کي سمجهڻ لاءِ گهِرو تجزيو گهربل آهي۔
توهان جيڪڏهن هن ملڪ جي نفسياتي تاريخ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته پتو پوندو ايران مسلسل آزمائشن جي ڪري اڄ به اجتماعي صدمي جي نفسيات ۾ ورتل آهي. سال 1979 جي انقلاب، پوءِ مسلسل اٺن سالن تائين عراق سان جنگ، پابنديون، معاشي بحران ۽ سماجي پابندين ايران جي سماج ۾ هڪ طويل اجتماعي صدمو پيدا ڪيو. نتيجي ۾ برداشت ته وڌي پر ان جي قيمت پڻ جذباتي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ ادا ٿي رهي آهي. هتان جا ماڻهو هاڻي سياسي خطرن کان ڊڄن ٿا. هنن ۾ گهرو ويڙهه جو خوف آهي. تبديلي ته چاهين ٿا پر ان ۾ تمام گهڻو محتاط آهن. انهن سببن جي ڪري ئي ايران جا نوجوان ڪنهن به تبديليءَ جي تحريڪ کي پسند ته ڪن ٿا پر، انقلاب هنن لاءِ ڪنهن ڊيڄاريندڙ خواب کان گهٽ ناهي. جديد نفسياتي تجزيي موجب ايراني نفسياتي طور ’اميد جي چرخي‘ ۾ گهمن پيا. يعني ’ٿيندو يا نه ٿيندو‘ جو چڪر… مثال طور: نوجوانن جي اميد آهي ته هنن کي وڌيڪ آزادي ملي، عالمي معاشي انضمام ٿئي، جنهن سان هو غربت مان جان ڇڏائي سگهن. هو سماجي طور خيالن جي اظهار لاءِ اڃا به گهڻي آزاديءَ جا خواهشمند آهن. نوجوانن سان گڏ وڏي عمر وارا ماڻهو اهي ڳالهيون ڏسي مايوسيءَ جي ور چڙهيو وڃن. هو سوچين ٿا: ’اسان اڳ انقلاب ڏٺو، خون وهيو، پر ڇا مليو؟ – جيڪڏهن ٻيهر سڀ ڪجهه ٽٽي پيو ته ڇا ٿيندو؟‘ نفسيات جي سائنس ۾ ان نسلي اختلاف کي Generational Dissonance سڏيو وڃي ٿو، پر ان ۾ ماٺار ناهي. ڇاڪاڻ ته هي فرق مستقبل ۾ ٽڪر جي امڪان کي وڌائي سگهي ٿو. ان سان گڏ ايران جي سماج ۾ ڪنٽرول ۽ اطاعت جي نفسيات پڻ شامل آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ ڄاڻون ٿا ته هر مضبوط رياست صرف طاقت تي نه، پر نفسيات تي به هلي ٿي. ان سلسلي ۾ ايران جو نظام ٽي نفسياتي ٽيڪنڪس استعمال ڪندي ملي ٿو.
1.معنى` ۽ تقديس:
هن ٽيڪنيڪ ۾ سياست کي مذهبي چوغو پارايو وڃي ٿو. جنهن سان اصولي اختلاف به شرم ۽ گناهه جي برابر آهي.
2.دشمن جو تصور:
ايران کي ڪيترن ئي سالن کان ’ٻاهرين قوتن جو خوف، ڌاريو دشمن‘ متحد رکيو ويٺو آهي.
3.مزاحمت جو فخر:
ايرانين کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي. هو سمجهن ٿا ته سڄي دنيا کي چئلينج ڪريو ويٺا آهن.
نفسيات ۾ هي ٽيڪنڪون Legitimacy Reinforcement سڏبيون آهن. جيڪي يقينن ڪارگر ته آهن، پر وقت سان گڏ خاص ڪري جنريشن- زي ۾ اثر وڃائين پيون. نفسياتي علم جي ڄاڻ رکندڙ اها ڳالهه به ڄاڻن ٿا ته دنيا ۾ قومن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ دهشت ۽ ڊپ جو نفسياتي ڪردار اهم رهندو آيو آهي. ان سان گڏ سياسي نفسيات ۾ خوف هڪ طاقتور ميڪانزم آهي: مثال طور: دهشتگردي جو خوف – گهرو ويڙهه جو خوف – شام ۽ لبيا جهڙي انجام جو خوف – مڪمل معاشي تباهي جو خوف. انهن خوفن جي ڪري عوام جو وڏو حصو چوندو آهي: ’اسان تبديلي ته چاهيون ٿا، پر ان جي ڪا قيمت نه هجي. جنهن کي نفسيات ۾ Risk Aversion Behavior چئبو آهي.
ايراني ماڻهن سان ساڳئي وقت سڃاڻپ جو مسئلو پڻ آهي. هڪ نفسياتي تجزيي موجب هن وقت ملڪ ۾ ٽن سطحن تي تشخص جي جنگ هلي پئي. پهريون، مذهبي تشخص. ٻيون، قومي تشخص. ٽيون، هر ماڻهوءَ جو فردي تشخص. انهن منظرن ۾ نوجوانن جو مسئلو اهو آهي ته: ’مان ڪير آهيان؟‘ مسلمان؟ ايراني؟ يا عالمي فرد؟ اهي ٽئي قوتون هڪٻئي سان پڻ ٽڪرائي رهيون آهن. نتيجي ۾ هي نفسياتي ٽڪر مستقبل جو نتيجو طئي ڪندو. ان لاءِ مستقبل ۾ نفسياتي اثرن سان 4 امڪاني منظر ڏسي سگهجن ٿا. جن ۾ ’مزاحمتي سڃاڻپ غالب ٿئي‘ پهرئين منظر ۾، قومي مزاحمت ۽ مذهبي تقدس وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻيون منظر، ’فردي آزادي غالب ٿئي‘ جو آهي، هن ۾ نوجوانن جي نفسيات سياسي نظام کي زير ڪندي ملي ٿي. ٽيون منظر ’ڊپ غالب ٿئي‘ جو آهي؛ جنهن ۾ جنگ ۽ تباهي جو خوف نمايان نظر اچي ٿو، نتيجي ۾ موجوده ’اسٽيٽس ڪو‘ جاري رهندو. چوٿون، سماج اندر نفسياتي ڀڃ ڊاهه جو آهي، جنهن ۾ نه ملڪ رهندو، نه سماج…! هر پاسي رڳو مداخلت نظر ايندي. انهن امڪاني منظرن ۾ سڀ کان اهم سوال هي آهي، جنهن جي بنياد تي ايران جو مستقبل نفسياتي طور تي دارومدار رکي ٿو: ڇا ايران جا ماڻهو تبديلي لاءِ قرباني ڏيڻ لاءِ نفسياتي طور تي تيار آهن؟ جيڪڏهن جواب ’ها‘ ٿيو ته سسٽم بدلجي سگهي ٿو؛ جيڪڏهن جواب ’نه‘ ۾ ٿيو ته سسٽم ڊگهي وقت تائين بچي سگهي ٿو.
هڪ ڀيرو وري ان ڳالهه کي ورجائجي ٿو ته ايران جو مسئلو سياسي نه پر نفسياتي آهي. سوال طاقت جو نه، ڊپ ۽ اميد جي جنگ جو آهي. مٿي مضمون کي ڏسي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪجهه ٻين ممڪنه منظرن کي جاچڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا؛
پهريون منظر:
موجوده نظام برقرار رهي، جنهن سرڪار مڪمل طور احتجاج کي دٻائي ڇڏي. نتيجي ۾ سسٽم جو مرڪز (ولي فقيه + پاسداران انقلاب) طاقت برقرار رکي. ان ڏس ۾ ڪجهه اصلاح صرف ظاهري سطح تي ڪيا وڃن، پر اندروني نظام ۾ ڪا به گهڻي تبديلي نه اچي. ان جا امڪان ڇو موجود آهن؟ ڇاڪاڻ ته ايران وٽ مضبوط سيڪيورٽي ڍانچو آهي. پاسداران (IRGC) طاقتور اقتصادي اداري طور ڪم ڪري پيو. قيادت تجربيڪار آهي. عوام گهرو ويڙهه کان ڊڄي ٿو. وري به نتيجي ۾ معاشي بحران برقرار رهندو. عالمي اڪيلائي رهندي. نوجوانن جو وڏو تعداد مصر جيان ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيندو ۽ وقتي احتجاج جاري رهندا.
ٻيون منظر- درجي وار اصلاح:
هنن ۾ حڪومتي حلقا عوامي ۽ اقتصادي دٻاءَ هيٺ ڪجهه سياسي ۽ سماجي اصلاح ڪندا. جهڙوڪ: عورتن لاءِ پابندين ۾ نرمي – سياسي قيدين لاءِ رعايت – اقتصادي رستن کي کولڻ، خاص ڪري چين ۽ يورپ لاءِ – بيروزگاري ۽ مهانگائي لاءِ اصلاح. هي ماڊل بلڪل چين ۽ ويٽنام جهڙو ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ’سياسي ڪنٽرول برقرار، پر معيشت کولڻ‘ هوندو. هنن منظرن ۾ فائدا جيڪي ملي سگهن ٿا، سي اھي تہ، گهريلو ويڙهه ڪانه ٿيندي، عوامي ڪروڌ ۾ گهٽتائي ايندي. بين الاقوامي واپار بحال ٿيندو. ان لاءِ شرط به آهن، جهڙوڪ: ملڪي اسٽيبلشمنٽ تيار هجي، جيڪا هن وقت تائين ته مزاحمت جي موڊ ۾ آهي. ان سان گڏ ٻيا ڪجهه امڪاني منظر پڻ آهن. جئين، مڪمل انقلاب اچي وڃي يا ٻين لفظن ۾ موجوده نظام جي تڏا ويڙهه ٿي وڃي، پر پاڻ ڄاڻون ٿا ته اهو ايترو سولو نه هوندو. انهن منظرن ۾ هڪ هي به آهي ته مصر جي طرز تي فوجي مداخلت ٿئي، جيڪو پڻ مشڪل نظر اچي ٿو.
هن پوري بحث مان اهي نتيجا پڻ نڪرن ٿا ته ايران جو معاملو هر گز ايترو سادو نه آهي، جيترو نظر اچي ٿو ۽ اهو پڻ ته ايران جي هر تبديلي رڳو ملڪ جي نه پر سڄي خطي جي تبديلي هوندي.