| ايران جو پاڪ افغان امن لاءِ ڪردار، ٻنهي ملڪن سان رابطو، ڇڪتاڻ خاتمي تي زور |
اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ايراني پرڏيهي وزير ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. انهن ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي تفصيل سان ڳالهايو. تهران پاڪ-افغان تڪرار ختم ڪرڻ ۾ مدد جي هڪ ڀيرو وري آڇ ڪئي. ايراني ميڊيا موجب پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪ-افغان تڪرار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ ڳالهيون گهربل آهن. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ پائيدار امن لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي طرف عباس عراقچي افغانستان جي پرڏيهي وزير امير متوڪل سان فون تي رابطو ڪيو ۽ پاڪ افغان لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون.