ايران جو پيرسن 17 سالن کان بنا کائڻ جي زندهه !!!

مَي 18, 2023

تهران(دلچسپ نيوز) ايران ۾ پيرسن 17 سالن کان بنا کائڻ جي زندهه رهي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو

تفصيل موجب پرڏيهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران سان تعلق رکندڙ 58 ورهين جي غلام رضا دعويٰ ڪئي آهي ته هن 17 سالن کان ڪجهه به ناهي کاڌو ان جي باوجود زندهه آهي

سندس چوڻ آهي ته هن آخري ڀيرو 2006 ۾ ماني کاڌي هئي جنهن بعد هن خوراڪ کائڻ ڇڏي ڏني ۽ رڳو پاڻي ۽ سوڊا ڊرنڪس تي گذارو ڪيو

غلام رضا موجب کاڌي کي ڏسندي ئي سندس طبيعت خراب ٿي پوندي آهي ۽ کيس الٽيون اچڻ جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي

رپورٽ موجب غلام رسول کي 2006 ۾ اوتو وات ۾ عجيب ذائقو محسوس ٿيو جنهن بعد هن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پر سندس وات جو ذائقو تبديل نه ٿيو جنهن بعد هن فيصلو ڪيو ته هاڻ هو ڪابه خوراڪ نه کائيندوان وقت کان هو مستقل خوراڪ نه پيو کائي ۽ رڳو پاڻي ۽ سوڊا ڊرنڪس تي گزارو ڪري رهيو آهي.

غلام رسول ٻڌايو ته هو پنهنجي گهروارن کي به ڪا شي کائيندي ڏسندو آهي ته سندس طبيعت خراب ٿي ويندي آهي لڳي ٿو ته منهنجي وات ۾ ڪجهه وار آهن ۽ کيس محسوس ٿئي ٿو ته وارن جو چڳٽو سندس پيٽ ۾ به آهي

سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته هن جڏهن کان سوڊا ڊرنڪس پيئڻ شروع ڪئي آهي سندس وزن 32 ڪلوگرام گهٽجي ويو آهي

Leave A Comment