| ايران جي اجازت کانسواءِ رچايل يورينيم نٿو ڪڍي سگهجي: بي بي سي |
لنڊن (م ڊ) ايران چاهي ٿو ته سڀئي پابنديون هٽايون وڃن. ايران جي معيشت سخت خراب آهي ۽ اهڙي خراب حالت ۾ آهي جو ايران نار ۾ پنهنجي بندرگاهن تان پنهنجو سامان پرڏيهه اماڻي به نٿو ڪري سگهي. اهڙو اظهار بي بي سي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو. رپورٽ موجب يورينيم جي افزودگي اهم مسئلو آهي تمام گهڻو رچايل يورينيم اڃا تائين اصفهان جي جبلن جي هيٺان سرنگن ۾ پيل آهي، جتي آمريڪا گذريل سال بمباري ڪئي هئي. آمريڪي فوج پاران هن يورينيم کي ڪڍڻ لاءِ هڪ خاص آپريشن بابت گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر ان کي وساري ڇڏيو ڇو ته ايران سائيٽ تي وڏي تعداد ۾ فوج موڪليندو. بي بي سي موجب توهان ايران جي اجازت کان سواءِ اهو ڪم نٿا ڪري سگهو. اهو هڪ تمام حساس آپريشن هوندو. بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي اهو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر اهڙي وقت ۾ نه جڏهن جنگ هلندي هجي. اها آمريڪا سان گڏيل آپريشن ڪري سگهي ٿي، پر صرف جيڪڏهن ايران راضي ٿئي.