| ايران جي ايٽمي بجلي گهر مان روسي عملو واپس |
تھران/بوشھر (م ڊ) ايران ۾ بوشهر نيوڪليئر پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ روسي عملي کي محفوظ ھنڌ منتقل ڪيو ويو آھي. روس جي رياستي نيوڪليئر انرجي ڪارپوريشن روساٽم چيو ته سائيٽ تان وڌيڪ عملي کي ڪڍيو ويو آهي جڏھن تھ اتي اڃا بھ سوين ماڻھو ڪم ڪري رھيا آھن. روساٽم جي سربراهه اليڪسي ليخاچوف چيو ته 150 ملازم رات جو بوشهر کان روانا ٿي آرمينيا ۾ داخل ٿيا ۽ واپس روس اچي رهيا آهن. لڳ ڀڳ 450 عملي جا ميمبر اڃا تائين پلانٽ تي مقرر آهن، جيڪو ايران جو واحد آپريشنل ايٽمي بجلي گھر آھي. روس بوشهر ۾ ٻه اضافي ري ايڪٽر ٺاهي رهيو آهي.