| ايران جي بلوچ اڪثريتي آبادي ۾ سني اڳواڻ قتل |
تهران (م ڊ) ڏکڻ اوڀر ايران جي سرحدي شهر ميرجاويه ۾ نامعلوم هٿياربندن هڪ مشهور سني مسلمان عالم کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عالم جي سڃاڻپ مولوي محمد انور ريگي جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ايران جي سرڪاري ميڊيا ۽ مقامي اختيارين ٻنهي طرفان سندس قتل جي تصديق ڪئي وئي. ميرجاويه جو سرحدي شهر ايران جي صوبي سيستان-بلوچستان ۾ واقع آهي، جيڪو ملڪ جي سڀ کان پوئتي پيل صوبن مان هڪ آهي. مقامي اختيارين ۽ جاچ ڪندڙن چيو ته اهي مولوي محمد انور ريگي جي قاتلن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن مقامي آبادي کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي، چيو ته شيعه اڪثريت واري ايران ۾ سني مذهبي اڳواڻ جي قتل جو مقصد سيڪيورٽي مسئلا پيدا ڪرڻ ۽ صوبي ۾ فرقه ورانه بدامني کي ڀڙڪائڻ هو.