ايران جي بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ واري آخري فيڪٽري تباهه ڪئي آهي: اسرائيل

  ايران جي بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ واري آخري فيڪٽري تباهه ڪئي آهي: اسرائيل

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي فوج ڏکڻ اولهه ايران ۾ شيراز ۾ پيٽروڪيميڪل ڪمپائونڊ تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي. هڪ بيان ۾ اسرائيلي فوج چيو ته پيٽروڪيميڪل سهولت کي نشانو بڻايو ويو جتي ايراني دهشتگرد حڪومت جي هٿياربند فوج لاءِ نائٽرڪ ايسڊ تيار ڪيو ويندو هو. وڌيڪ چيو ويو آھي تھ اها فيڪٽري آخري سھولت ھئي جتي ايران ۾ بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ لاءِ ڌماڪيدار مادو ۽ مواد لاءِ اهم ڪيميائي جزا تيار ڪيا ويندا ھئا. الجزيره جو چوڻ آھي تھ اسرائيل پنھنجي دعوائن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي بھ ثبوت فراھم نھ ڪيا آھن.