| ايران جي تيل اڏن تي حملا نه ڪرڻ لاءِ ٽرمپ سان مختلف ملڪن جي اڳواڻن جا رابطا |
دوحا (م ڊ) الجزيرھ دعويٰ ڪئي آھي تھ آمريڪي صدر ٽرمپ کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن رابطا ڪري ايران جي توانائي جي مرڪزن تي حملا ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو چيو جنھن بعد اھو فيصلو سامھو آيو. رپورٽ موجب ٽرمپ 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو تھ ڪيترن ئي ملڪن سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون مختلف سفارتڪارن سان ڳالهه ٻولهه جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو تھ ٽرمپ پاران مقرر ڪيل 48 ڪلاڪن جي وقت کان پوءِ فونن جون گھنٽيون وڄڻ بند نه ٿيون.عيد جي موڪل هجڻ جي باوجود مختلف سطحن تي ڪيترائي ملڪ سفارتخانن سان يا سڌو سنئون وائيٽ هائوس سان ڳالهيون ڪندا رھيا. ماڻهو ٽرمپ کي ٻڌائيندا رهيا ته جنگ جي وڌندڙ صورتحال ايران يا اسرائيل لاءِ سٺي نه آهي. غور ڪيو وڃي تھ ٽرمپ پاران پاور پلانٽس ۽ توانائي جي انفرااسٽرڪچر تي حملي جي ڌمڪي بعد ايران بھ ساڳي ريت جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو. رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ايران پنهنجي حملن جو طريقو تبديل ڪيو آھي انھن جاين تي حملا ڪيا پيا وڃن جن تي اڳ ۾ حملا نھ ڪيا ويا ھئا.