ايران جي اندر ھن وقت انٽيليجنس جي ميدان ۾ غير معمولي ۽ انقلاب ايران کان پوءِ پهريون دفعو ڇڪتاڻ جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، جنھن کي خود ايراني ميڊيا سان گڏ ڪجھ غير جانبدار ميڊيا پڻ رپورٽ ڪري رھيون آھن، جتي چيو وڃي ٿو ته پاڪستاني، ترڪي، روسي ۽ چيني ڳجها ادارا، آمريڪي سي آءِ اي ۽ اسرائيلي موساد جي مقابلي ۾ آمھون سامھون بيٺل آهن۔ ان جو سبب اھو آھي ته اگر ايران ۾ حڪومتي عدم استحڪام سان موجوده حڪومت جي تڏا ويڙھ ٿئي ٿي يا اتي حڪومت جو نظام ڊھي ٿو ته اهو صرف ايران لاءِ نه، پر سڄي خطي لاءِ هڪ وڏي سانحي کان گهٽ نه هوندو۔هي بحران رڳو ايران جي حدن تائين محدود نه رهندو، بلڪه ان جو اثر پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿو۔ سعودي عرب ۽ پاڪستان چڱيءَ ريت سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ايران ۾ حڪومت ختم ٿئي ٿي ته پوءِ علائقي ۾ طاقت جو توازن مڪمل خراب ٿي ويندو ۽ اھو ٻنھي ملڪن جي مفادن ۾ ناھي.
ايران جا مخالف شايد شروعات ۾ ڪجهه لمحن لاءِ خوشي محسوس ڪن، پر اها خوشي گهڻي وقت تائين قائم نه رهندي، ڇو ته طاقت ۾ پيدا ٿيل خال هميشه نون بحرانن ۽ نون تڪرارن کي جنم ڏيندو آهي۔ايران کان پوءِ دٻاءَ جو رخ سڌو سنئون پاڪستان ڏانهن به ٿي سگهي ٿو، ۽ اسرائيل اڻ سڌي ريت پاڪستان جو پاڙيسري ٿي ويندو، جتي اسرائيل وڌيڪ بي خوف ٿي خطي ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو۔ڇو ته پاڪستان جي ٻن پاڙيسري ملڪن جا اڳ ئي اسرائيل سان گھرا لاڳاپا آھن ۽ ٻئي پاسي افغانستان اڳ ئي ڀارت سان گڏ ڪنهن به مھم جوئي لاءِ موقعا ڳولي رهيو آهي۔ جيڪڏهن ايران ۾ ڪا وڏي سياسي تبديلي آئي ته اهو واضح پيغام هوندو ته علائقائي ردعمل محدود نه رهندو.
پاڪستان جي فوجي قيادت اڳ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي وجود کي خطرو ٿيو ته پاڪستان وٽ اهڙي طاقت موجود آهي، جيڪا وڏي پيماني تي عالمي توازن کي متاثر ڪري سگهي ٿي۔ اهو بيان طاقت استعمال ڪرڻ لاءِ نه، پر طاقت جي استعمال کي روڪڻ لاءِ هڪ خبردار ڪندڙ پيغام آهي۔ ڇو ته ھن وقت بين الاقوامي ماھر اھو خيال ظاھر ڪري رھيا آھن ته وينزويلا جي صدر جي ائين ملڪ مان اغوا ٿيڻ کان پوءِ ھر ملڪ ۾ ننڍن ايٽمي ھٿيارن جي حاصلات لا ڊوڙ شروع ٿي ويندي. جنھن سان دنيا ھڪ انتھائي خطرناڪ موڙ ۾ داخل ٿي سگھي ٿي. حماس ۽ اسرائيل جي ويڙھ کان پوء پاڪستان هي خطرو گهڻو اڳ سمجهي چڪو هو ته اسرائيل ۽ آمريڪا ھڪ ھنڌ بيھڻ وارا نه آھن، تنهنڪري سعودي عرب سان دفاعي معاهدا ڪرڻ ۽ ترڪيہ سان فوجي ۽ دفاعي لاڳاپا وڌائڻ ڪنهن به صورت ۾ اتفاق نه آهن، بلڪه هڪ سوچي سمجهي حڪمت عملي جو حصو آهن۔
اسرائيل جي اڻ سڌي ريت ايران ۾ اچڻ سان پاڪستان ۽ چين جي قومي مفادن کي سڌي ريت نقصان رسندو، جنھن ۾ اول بلوچستان ۾ حالتن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنھن سان چين جو سي پيڪ پروجيڪٽ متاثر ٿي ويندو ۽ ٻيو اھو ته چين جيڪو اڳ ۾ 25 سيڪڙو تيل جو انحصار وينزويلا تي ڪندو ھو، اھو ھاڻي ايران تي ڪندو. اگر ايران ۾ به آمريڪي ڪمپنين ديرو ڄمايو ته چين جو معاشي دٻدٻو متاثر ٿي ويندو. ان ڪري پاڪستان پنھنجي رياستي پاليسيءَ ۾ اھو چئي چڪو آھي ايران کي ڪنھن بہ صورت غير مستحڪم ٿيڻ نه ڏبو ۽ ان جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ساڳئي قسم جي پاليسي چين طرفان پڻ بيان ڪئي وئي آھي. روس جا اڳ ئي ايران سان دفاعي معاهدا ٿيل آھن، جيڪو اول ئي ايران جي ھر ممڪن مدد ۾ مشغول آھي.
ھاڻي ڏسڻو اھو ت اگر اسرائيلي منصوبو ناڪام ٿئي ٿو ته ان سان خطي کي ٻين ڪھڙن مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ ان ۾ پاڪستان ڪھڙي ھنڌ بيٺل ھوندو جيڪو اڃان طئي ٿيڻ باقي آھي.