ايران جي رڳو هڪ صوبي ۾ 1500 احتجاجي گرفتار ڪرڻ جي تصديق

ايران جي رڳو هڪ صوبي ۾ 1500 احتجاجي گرفتار ڪرڻ جي تصديق

تهران/واشنگٽن (م ڊ) ايران جي هڪ صوبي ۾ احتجاج دوران 1500ماڻهو گرفتار ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، آمريڪا خبردار ڪيو آهي ته ماڻهن کي ڦاهيون ڏيڻ بابت اسان سان دوکو نه ڪيو وڃي. ايران جي گيلان صوبي ۾ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته 1,500 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو آهي. انهن سڀني ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جيڪي فسادن دوران ڪنهن به بغاوت يا تخريبڪاري ۾ ملوث مليا هئا. گرفتار ڪيل 50 ماڻهن احتجاج جي اڳواڻي ڪئي. ٻئي طرف آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي فارسي ٻولي جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ صدر ٽرمپ ۽ آمريڪا خلاف ايران جي بيانن تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پيغام ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اسلامي جمهوريه ايران آمريڪي اثاثن تي حملو ڪري ٿو، ته ان کي تمام سخت جواب کي منهن ڏيڻو پوندو، جيئن صدر ٽرمپ چيو آهي ته سڀئي آپشن انهن لاءِ کليل آهن. پيغام جو هڪ ٻيو حصو خبردار ڪري ٿو ته اسان اڳ ۾ چيو آهي ۽ اسان ٻيهر خبردار ڪري رهيا آهيون ته صدر ٽرمپ سان راند نه کيڏو.