| ايران جي مزاحمتي گروهن سان گڏجي ڪارروائي: صهيوني ۽ آمريڪي هدفن تي 300 ميزائل، ڊرون ۽ راڪيٽ حملا |
تهران / تل ابيب (م ڊ) وچ اوڀر ۾ جاري ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ دوران اسرائيلي فوج ايران تي هزارين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ايران مزاحمتي گروهن سان گڏجي ڪارروائي ڪندي صهيوني ۽ آمريڪي هدفن تي 300 کان وڌيڪ ميزائل، ڊرون ۽ راڪيٽ حملا ڪيا. ايراني پاسدارانِ انقلاب جي سڌ سماءَ واري شعبي اعلان ڪيو آهي ته آپريشن وعده صادق 4 جي 89 هين لهر تحت اسرائيل جي مختلف شهرن ۽ آمريڪي هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي.جاري ڪيل بيان موجب، اسلامي جمهوريه ايران جي هٿياربند فوج ۽ علائقي جي مزاحمتي گروهن گڏيل ڪارروائي ڪندي هن لهر کي انجام ڏنو. ان دوران 100 کان وڌيڪ ڳرا ميزائل، حملا ڪندڙ ڊرون ۽ 200 راڪيٽ اولهه ايشيا جي وڏي علائقي ۽ والاريل فلسطين جي اتر کان ڏکڻ تائين مختلف هدفن تي فائر ڪيا ويا.پاسدارانِ انقلاب موجب، ڪارروائين دوران ايلات، تل ابيب ۽ بني براڪ سميت مختلف هنڌن تي اسرائيلي فوجي مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ اسرائيل کي وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. بيان ۾ ڄاڻايو ته بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي، جتي مبينا طور 80 اهلڪار موجود هئا، کي نهايت درستگي سان نشانو بڻايو ويو. اهڙي طرح العديد اڏي تي آمريڪي فوج جي هيليڪاپٽر يونٽ تي بيلسٽڪ ميزائلن ذريعي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هيليڪاپٽر تباهه ۽ ٻيا سخت متاثر ٿيا آهن.پاسدارانِ انقلاب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هي لهر اڃا تائين پوري شدت سان جاري آهي ۽ ايندڙ اڳڀرائي بابت وڌيڪ ڄاڻ بعد ۾ جاري ڪئي ويندي. علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن، اويڪس (جاسوس جهازن) ۽ تيل ڀريندڙ جهازن جي مرڪزن کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو.جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صهيوني حڪومت ۽ آمريڪا طرفان ايران جي رهائشي ۽ غير فوجي علائقن تي ڪيل وحشياڻي هوائي حملن جي جواب ۾ صبح کان ايراني فوج ڊرون ڪارروائيون شروع ڪيون.بيان موجب، ايراني ڊرونز ذريعي بن گوريون هوائي اڏي تي موجود آمريڪي جاسوس جهازن، تيل ڀريندڙ جهازن جي مرڪزن، ريڊار سينٽرن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود برقي جنگي نظام وارين سائيٽن کي نشانو بڻايو ويو آهي. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن حملي ۾ 2 هزار ڪلوميٽر تائين اڏامڻ جي صلاحيت رکندڙ جديد آرش 2 ڊرونز استعمال ڪيا ويا آهن. اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران خلاف جنگ جي پهرين مهيني ۾ 800 کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا ويا، جن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ايراني فوجي ۽ ڪمانڊرز کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي فوج موجب، ايران تي حملن ۾ اٽڪل 16 هزار مختلف هٿيار استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو.ٻئي پاسي ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 1937 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ 240 عورتون ۽ 212 ٻار پڻ شامل آهن.