| ايران جي مقابلي لاءِ آمريڪي هائپرسونڪ ميزائل آڻڻ تي غور |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي سينٽڪام وچ اوڀر ۾ ڊارڪ ايگل ميزائل مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن قدم جو مقصد ايران اندر ميزائل لانچرن کي نشانو بڻائڻ آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن آمريڪا عملي طور تي هائپرسونڪ ميزائل نصب ڪندو. ڊارڪ ايگل پروگرام اڃا تائين مڪمل طور تي آپريشنل قرار نه ڏنو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب روس ۽ چين اڳ ۾ ئي هن قسم جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي چڪا آهن. هن قدم جو سبب اهو آهي ته ايران ميزائل لانچرن کي پريزيشن اسٽرائڪ ميزائل جي حدن کان ٻاهر منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايراني ميزائل 300 ميل کان وڌيڪ جي فاصلي تي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي قابل آهن.