| ايران جي وومين فٽبال ٽيم جي ڪپتان به آسٽريليا ۾ پناهه وٺڻ واري درخواست تان دسبردار |
ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) ايران جي وومين فٽبال ٽيم جي ڪپتان به آسٽريليا ۾ پناهه وٺڻ واري درخواست تان دسبردار ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا ۾ موجود ايراني وومين فٽبال ٽيم جي 4 رانديگرياڻين بعد ڪپتان زهرا ڪنبري به وطن واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن آسٽريلين هاءِ ڪمشنر کي درخواست جي واپسي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ آسٽريلين هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته زهرا قنبري جلد آسٽريليا مان ملائيشيا رواني ٿيندي جٿان ايران واپسي لاءِ ڪوشش ڪندي. هن ٻڌايو ته ايراني فٽبال ٽيم جون 4 رانديگرياڻيون اڳ ۾ ئي آسٽريليا ۾ پناهه وٺڻ لاءِ ڏنل درخواست تان دستبردار ٿي چڪيون آهن . ٻئي طرف زهرا قنبري جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي وطن کي ڏکي گهڙي ۾ نٿي ڇڏي سگهي ڪوشش ڪنديس ته جلد واپس وڃان ان لاءِ متبادل رستو ڳوليان پئي.