| ايران جي يورينيم تي قبضو، خارگ ٻيٽ تي حملو: آمريڪي فوج لاهڻ تي غور |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي حڪومت ايران مان يورينيم ڪڍڻ لاءِ فوجي آپريشن تي غور ڪري رهي آهي. آمريڪي اخبار وال اسٽرٽ جرنل موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران مان هڪ هزار پائونڊ يورينيم ڪڍڻ لاءِ فوجي آپريشن تي غور ڪري رهيو آهي. ٽرمپ اختيارين جو چوڻ آهي ته يورينيم ڪڍڻ هڪ ڏکيو ۽ خطرناڪ مشن آهي، جنهن سبب آمريڪي فورسز کي ڪيترائي ڏينهن ايران اندر رهڻو پوندو، صدر ٽرمپ ايران مان يورينيم ڪڍڻ جو اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو، پر اهو آپشن موجود آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن تي زور ڏنو آهي ته ايران تي دٻاءُ وڌو وڃي ته جنگ ختم ڪرڻ جي شرط طور يورينيم حوالي ڪري. رپورٽ موجب جيڪڏهن ايران ڳالهين ۾ يورينيم نه ٿو ڏئي ته ڊونلڊ ٽرمپ طاقت جو استعمال ڪري سگهي ٿو يورينيم قبضي ۾ وٺڻ لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن جنگ جي ٽائم لائن کي گهڻو نه وڌائيندو.ان تي تبصرو ڪندي وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته پينٽاگون جو ڪم ڪمانڊر ان چيف لاءِ وڌيڪ آپشن تيار ڪرڻ آهي، وڌيڪ آپشن جو مطلب اهو ناهي ته صدر فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پينٽاگون ۽ سينٽ ڪام جي ترجمان هن خبر تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو. ياد رهي ته آمريڪا اڳ به 1994 ۾ قازقستان ۽ 1998 ۾ جارجيا مان يورينيم ڪڍي چڪو آهي. ٻئي طرف بي بي سي جو چوڻ آهي ته آمريڪا جو بچاءُ کاتو پينٽاگون 11 ڏينهن کان خاموش آهي ۽ جنگ بابت ڪا به بريفنگ نه ڏني وئي آهي.