ايران جي ڌمڪي: امارات پاران اسرائيلي وزيراعظم جي دوري جي ترديد

ايران جي ڌمڪي: امارات پاران اسرائيلي وزيراعظم جي دوري جي ترديد

تهران/ابوظهبي (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم جي يو اي اي دوري تي ايران پاران شديد ردعمل ڏنو ويو، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسرائيل سان ملي ڀڳت ڪرڻ وارن کان حساب ورتو ويندو، ايران جي عظيم عوام سان دشمني هڪ احمقاڻي جوا آهي، ايراني عوام سان دشمني لاءِ اسرائيل سان ملي ڀڳت جي معافي قبول ڪرڻ جوڳي ناهي. هوڏانهن اماراتي پرڏيهي وزارت اسرائيلي وزيراعظم جي يو اي اي دوري جي ترديد ڪري ڇڏي. ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هو ايران جنگ دوران ڳجهي نموني متحده عرب امارات پهتو ۽ اماراتي صدر سان ملاقات ڪئي.اماراتي پرڏيهي وزارت ان دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي واضح ڪيو ته اسرائيل سان لاڳاپا ابراهيمي معاهدي تحت شفاف ۽ اعلانيل آهن ۽ انهن ۾ ڪا ڳجهي يا غير اعلانيل ملاقات شامل ناهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ميڊيا تي نشر ٿيندڙ خبرون افواهه آهن، رياست ۾ ايران جنگ دوران نيتن ياھو ۽ اسرائيلي فوجي وفد ڪو دورو ناهي ڪيو. اماراتي پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته رياست ميڊيا کان اميد رکي ٿي ته اها معلومات جي درستگي جو خيال رکي ۽ بغير تصديق جي دعوائن کي نه ڦهلائي يا سياسي تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪري.