| ايران جي 100 شهرن ۾ احتجاج، چڪريون، باهيون، ڪيئي ماڻهو مارجي ويا، ڏڦيڙي ٽرمپ کي خوش پيا ڪن: خامنه اي |
تهران/لنڊن (م ڊ) ايران ۾ جاري احتجاج ملڪ جي سڀني 31 صوبن جي 100 کان وڌيڪ شهرن ۽ واهڻن ۾ پکڙجي ويو آهي، ماڻهن احتجاج دوران گاڏين، دڪانن ۽ مارڪيٽن کي باهيون ڏنيون، مارجي ويلن جو انگ 47 ٿي ويو، 2800 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. احتجاج جي ڪري ملڪ جي اڪثر حصن ۾ انٽرنيٽ بند ڪيو ويو آهي. ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۽ ٻين شهرن ۾ هزارين ماڻهن مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا جن کي ايراني اختيارين خلاف سڀ کان وڏو عوامي مظاهرو قرار ڏنو پيو وڃي. سيڪيورٽي فورسز تهران ۽ مشهد ۾ احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪيو. وائرل ٿيل وڊيوز ۾ مظاهرين کي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي خلاف نعرا هڻندي ۽ اڳوڻي شاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي جي واپسي جو مطالبو ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو. بي بي سي فارسي مطابق احتجاج ايران جي سڀني 31 صوبن جي 100 کان وڌيڪ شهرن ۽ واهڻن ۾ پکڙجي ويا آهن. انساني حقن جي ڪارڪن 34 مظاهرين ۽ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن جي مارجڻ ۽ 2,270 مظاهرين کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ناروي ۾ قائم ايران هيومن رائٽس چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 45 مظاهرين، جن ۾ اٺ ٻار شامل آهن، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ مارجي ويا آهن. بي بي سي فارسي 22 ماڻهن جي موت ۽ سڃاڻپ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ايراني اختيارين ڇهن سيڪيورٽي اهلڪارن جي موت جي رپورٽ ڏني آهي. اصفهان ۾ ايراني براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت کي باهه ڏني وئي. مظاهرين مختلف شهرن ۾ سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻايو. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۽ تصويرن ۾ سرڪاري اهلڪار مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. يزد شهر ۾ به احتجاج ڪيو ويو. جتي سرڪاري فورسز ۽ پوليس جون گاڏيون ساڙيون ويون. ڪجهه مسجدن کي باهه به ڏني وئي. گيلان صوبي جي ساحلي شهر بندر انزالي مان به احتجاج جون وڊيو آيون آهن. ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ عمارتن کي باهه لڳل ڏيکاريو ويو آهي. جمعي ڏينهن زاهدان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گيس ۽ شاٽ گن پيلٽ استعمال ڪرڻ جون رپورٽون مليون آهن. ڪيترائي شهري مڪي مسجد جي چوڌاري گهٽين تي احتجاج ۾ شامل ٿيا، جتي انهن جو فوجي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلو ٿيو. مظاهرين حڪومت مخالف نعرا هنيا، جن ۾ حڪمران کي موت ۽ خامنه اي کي هٽايو شامل آهن. رپورٽن موجب، انهن جهڙپن ۾ ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿيا، پر زخمين جو آخري انگ مهيا نه ڪيو ويو.
تهران (م ڊ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ايران ڪرائي جي فوجين کي برداشت نه ڪندو. عوام کي خطاب ڪندي آيت الله خامنه اي ايرانين کي اتحاد برقرار رکڻ جي تاڪيد ڪئي. هن چيو ته ڪجهه ڏڦيڙي عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائي ٽرمپ کي خوش ڪرڻ چاهين ٿا، ٽرمپ ٻين جي ڳڻتي ڇڏي پنهنجي ملڪ جي مسئلن تي ڌيان ڏئي. ٻئي طرف ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل اسرائيل تي ملڪ ۾ حڪومت مخالف احتجاجن جي سرپرستي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته جيتوڻيڪ ايران ۾ تازا واقعا شروعاتي طور تي معاشي مطالبن ۽ احتجاجن سان شروع ٿيا هئا، پر اهي احتجاج هاڻي اسرائيلي هدايت ۽ منصوبابندي هيٺ ملڪ ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تبديل ٿي ويا آهن. اداري هڪ بيان ۾ چيو ته جيڪي ماڻهو معاشي صورتحال تي احتجاج ڪري رهيا هئا اهي ڪو به اهڙو قدم نه کڻندا جيڪو معاشي نقصان وڌائي يا بدامني کي شامل ڪري. ادارا عوام سان گڏ ڪم ڪندا ته جيئن اسرائيل ۽ آمريڪا جي بدامني پيدا ڪرڻ جي منصوبي کي ناڪام بڻائي سگهجي. سرڪاري عملدارن زور ڏنو آهي ته احتجاج ڪندڙن ۽ فسادين جي وچ ۾ فرق ڪيو وڃي.