| ايران خلاف جنگ ۾ ڪاميابي: ٽرمپ کي دعائن جو سهارو وٺڻو پئجي ويو |
واشنگٽن (م ڊ) اوول آفيس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فوجين لاءِ دعائيه تقريب ڪوٺائي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ پادرين جي هڪ گروپ ايران سان تازي ڇڪتاڻ دوران مارجي ويل آمريڪي فوجين ۽ صدر لاءِ هن ڏکئي وقت ۾ ڪاميابي لاءِ دعائون ڪيون. پادرين ٽرمپ جي مٿي تي هٿ رکي دعائون ڪيون.