ايران خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهن جا مظاهرا

  ايران خلاف دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهن جا مظاهرا

لنڊن (م ڊ) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهن ايران مخالف احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ايران جي اڳوڻي شاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي مظاهرن جو سڏ ڏنو هو. ميونخ ۾ اندازاً 250,000 ماڻهن مظاهرو ڪيو جنهن کي خطاب ڪندي رضا پهلوي حڪومت جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. ميونخ، لاس اينجلس ۽ ٽورانٽو ۾ سڀ کان وڏيون ريليون منعقد ڪيون ويون. تل ابيب، لزبن، سڊني ۽ لنڊن سميت ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ٿيا. مظاهرين ايران ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومتي جبر خلاف نعره هنيا. آمريڪا ۾ قائم انساني حقن جي گروپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ تشدد ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 6,872 آهي جن ۾ 150 کان وڌيڪ ٻار شامل هئا. رضا پهلوي جي ڌيءَ نور پهلوي لاس اينجلس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايراني عوام هن حڪومت کان آزادي جي ايترو ويجهو ڪڏهن به نه هو هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان مطالبو ڪيو ته ايران جي قيادت سان جاري ايٽمي ڳالهين کي ختم ڪيو وڃي. ٽورانٽو ۾ تقريباً 350,000 ماڻهن مظاهري ۾ حصو ورتو، ۽ چيو ته اهي ايران ۾ پنهنجن دوستن ۽ ڪٽنب جي آواز بڻجڻ لاءِ ٻاهر آيا آهن.