ايران خلاف نئون اتحاد ٺاهڻ جون تياريون، تهران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناهن: نيتن ياهو

ايران خلاف نئون اتحاد ٺاهڻ جون تياريون، تهران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناهن: نيتن ياهو

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناهن رهيا. پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته هن جنگ اسان کي علائقي ۾ ايران خلاف نئون اتحاد ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي. هن چيو ته ايراني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ خطي جي اهم ملڪن سان اتحاد ٺاهيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ايران اڃا به اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم اتحاد ۾ شامل ملڪن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.