| ايران خلاف پنهنجي سرزمين ۽ هوائي حدون استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، واپاري لاڳاپا جاري رهندا: پاڪستان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ُرامن ۽ مستحڪم ايران پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، صورتحال جي پُرامن حل لاءِ ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جا تهران ۽ واشنگٽن ٻنهي سان هاڪاري لاڳاپا آهن، ماضي ۾ به ايران – آمريڪا رابطن ۾ سهولت مهيا ڪندا رهيا آهيون، ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو آمريڪي ٽيرف جي اعلان جو نوٽيس ورتو آهي، پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا ٻنهي سان واپاري لاڳاپا جاري رکندا، آمريڪا سان واپاري معاملا سٺي نموني حل ٿيڻ جي اميد آهيپاڪستان ايران جي خلاف پنهنجي سرزمين ۽ فضائي حدود استعمال نه ٿيڻ ڏيڻ واري موقف تي برقرار آهي. هفتي وار بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف کي قطر جي امير طرفان ٽيليفون ڪال موصول ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي تعلقن ۽ گڏيل تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ساڳئي طرح نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ٽيلفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻه طرفي تعلقن تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. ان کان علاوه اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان پڻ ٽيليفوني رابطو ڪري ايران جي موجوده صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هن ميانمار جي پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سيڙپڪاري واري وزير سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو.