ايران سان اعتماد بحالي ۾ عمرون لڳنديون: عرب امارات

ايران سان اعتماد بحالي ۾ عمرون لڳنديون: عرب امارات

ابوظهبي (م ڊ)  ابو ظهبي ۽ تهران وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ عمرون لڳنديون اهڙو اظهار يو اي اي جي صدارتي صلاحڪار انور گرگاش هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته توهان 2,800 ميزائلن ۽ ڊرونن سان حملو ڪريو ۽ پوءِ اعتماد بابت ڳالهايو. ان ۾ عمرون لڳنديون. هن چيو ته امن ڳالهيون لٽڪي رهيون آهن.