ايران جنگ صرف هڪ علائقائي تڪرار نه آهي، پر اها دنيا جي سياسي، معاشي ۽ فوجي ڍانچي کي ڊگهي عرصي لاءِ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اهڙيون جنگيون صرف بارود تائين محدود نه هونديون، پر انهن جا اثر نسلن تائين جاري رهندا آهن. ڏهاڪن تائين پابندين، عالمي اڪيلائي ۽ وڏين طاقتن جي دٻاءَ باوجود ايران کي شڪست ڏيڻ ايترو ڏکيو ڇو آهي؟ ان جو هڪ وڏو سبب ان جو وسيع ۽ ڏکيو جاگرافيائي ڍانچو آهي، ان جي دفاعي حڪمتِ عملي به سوچيل سمجهيل آهي، جيڪا غير روايتي جنگ، علائقائي اتحادين ۽ اسٽريٽجڪ قوتن تي ٻڌل آهي. ايران اهڙو نظام تيار ڪيو آهي، جيڪو ڌڪ برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي دشمن ک ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿو. اها صرف فوجي طاقت جي ڳالهه ناهي، پر اها لچڪ، حڪمتِ عملي ۽ دنيا جي سڀ کان غير مستحڪم علائقي ۾ بقا جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪا هوائي حملن کانپوءِ هاڻ ڊگهي زميني ويڙهه ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي. ڌريون مورچابند ٿي رهيون آهن. علائقائي اتحاد جڙي رهيا آهن. گوريلا جنگ لاءِ صف بنديون شروع ٿي ويون آهن. سياسي جوڙ ٽوڙ سميت آمريڪي ايوانن ۾ به ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي آهي. دنيا نئين معاشي گهوٽالي جي ور چڙهي وئي آهي. پوري دنيا ۾ سياسي هلچل وڌي وئي آهي. ڳجهي سفارتڪاري پنهنجو موت مري رهي آهي، ۽ يورپ ڳجهي نموني اسرائيل کي معاشي، اقتصادي، ۽ فوجي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
نيويارڪ ٽائيمز، سي اين اين، الجزيره، سعودي گزيٽ ۽ ٻين عرب اخبارن مان واضح خبرون مليون آهن ته آمريڪا ايران کي ڳالهين ۾ مصروف رکي اصل ۾ زميني فوجي ڪارروائي لاءِ تياريون مڪمل ڪرڻ شروع ڪيون آهن. ان لاءِ پينٽاگون 6 عرب ملڪن سان گڏجي ”هفتن تائين زميني ڪارروائي“ واري آپريشن لاءِ پلان تيار ڪري ٽارگيٽ تي غور ڪري رهيو آهي. جاپان، ڏکڻ ڪوريا، آفريڪا سميت دنيا جي ٻين ملڪن مان هزارين فوجي عرب ملڪن ۾ منتقل ٿي ويا آهن. وچ اوڀر ۾ ڏيڍ لک آمريڪي فوجي ۽ 35 هزار ايڪسپيڊيشنري يونٽ جيڪي گوريلا خاص ڪري ايراني ايٽمي مادو کڻڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، عرب ملڪن جي ڳجهين هوٽلن ۾ ترسايا ويا آهن. ان کانسواءِ آمريڪا جا ٻه سامونڊي جنگي ٻيڙا، جن تي به هزارين آمريڪي فوجي موجود آهن، انهن کي خليج فارس ۽ ايران ڀرسان سامونڊي علائقن ۾ هاءِ الرٽ رکيو ويو آهي. قطر ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو آهي، اتي به روزانو جي بنياد تي فوجن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪويت جي ڪيمپ عارف جان ۾ 9 هزار کان 14 هزار فوجين کي سامان سميت هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. بحرين جي علي السلام ايئربيس ۾ 7 هزار فوجي مقرر ڪيا ويا آهن. اين ڊي ٽي وي ڄاڻ ڏني آهي ته سعودي عرب ۾ ميزائل ڊفينس سسٽم لڳايو ويو آهي. متحده عرب امارات ۾ F22 اسٽيلٿ جنگي جهازن کي تيار حالت ۾ بيهاريو ويو آهي.برطانيا سميت ٻين يورپي ملڪن پنهنجا جديد ايئر دفينس سسٽم ۽ ٻيا جنگي جهاز اسرائيل جي بچاءَ لاءِ انهن عرب ملڪن ۾ پڄائي ڇڏيا آهن.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته زميني ڪارروائي آمريڪا لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي، ڇو جو ايران جو آپريشنل پهاڙي علائقي- خاص ڪري هرمز واري سامونڊي لنگهه سان 200 ڪلوميٽرن وارو پهاڙي سلسلو ڪيترين ئي غارن تي مشتمل آهي، جتي ايراني گوريلا وار جا ماهر سمجهيا وڃن ٿا. آمريڪي تياريءَ سان گڏ ايران به سالن کان جاري ڊگهي زميني جنگ جون هنگامي بنيادن تي تياريون مڪمل ڪيون آهن. عراق، لبيا، شام ۽ يمن سميت مختلف ملڪن ۾ ايران جي شيعا مليشيا ويڙهاڪ گروپن ايران جي سامونڊي ٻيٽن وارن علائقن ۾ پهچي پوزيشنون سنڀالڻ شروع ڪيون آهن. انهن لاءِ غارن ۾ موجود ڪمانڊ ڪنٽرول سسٽم قائم ڪري اتان جي مقامي ڪمانڊرن کي مرڪزي حڪم کان آجو ڪري پنهنجي علائقي جي صورتحال جي حوالي سان هنگامي فيصلا ڪري ويڙهه ڪرڻ جا مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا پهرين هرمز واري سامونڊي لنگهه، خارگ ٻيٽ، قشم، لارڪ، ۽ تڪراري ٻيٽ ابو موسى تي زميني حملي جي پلان کي فائنل ڪيو آهي. سمورا عرب ملڪ ان ۾ آمريڪا جو مڪمل ساٿ ڏيندا، انهن خبرن تي ايران ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هڪ به ٻيٽ تي حملو ٿيو ته پوءِ هو پوري خطي جي تيل جي سمورن ڪارخانن کي ميزائلن سان تباهه ڪري ڇڏيندو.
وال اسٽريٽ جرنل ڄاڻايو آهي ته جنگ جي پهرين ٽن هفتن ۾ آمريڪي فوجي سامان جي نقصان ۽ مرمت جو ڪاٿو 1.4 ارب کان 2.9 ارب ڊالر آهي. پينٽاگون جنگي خرچن لاءِ وائيٽ هائوس کان 200 ارب ڊالرن جا اضافي فنڊن گهريا آهن. قطر ۾ قائم “العديد ايئر بيس” هڪ ارب ڊالر جو جديد AN/FPS-132 ارلي وارننگ ريڊار تباهه ٿيو. 100 ملين ڊالرز جا 3 عدد F-15E اسٽرائڪ ايگل جهاز تباهه ٿيا. بحري ٻيڙو USS Gerald R. Ford تباهه ٿي ويو، ابراهام لنڪن جهاز جي مرمت هلي رهي آهي. آمريڪا جو مجموعي قومي قرض 39 ٽريلين ڊالرن ٿي ويو آهي. جنگي خرچن سبب وفاقي بجيٽ جو خسارو وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري قرض ۾ هر روز اربين ڊالرن جو اضافو ٿي رهيو آهي. ان جنگ تي روزانو تقريباً 2 ارب ڊالر خرچ ٿين پيا، ان ڪري ٽيڪنيڪي طور تي آمريڪا جي ڏيوالي ٿيڻ جا امڪان به آهن. دي گارڊين لکيو آهي ته، آمريڪا پهرين هفتي ۾ 11.3 ارب ڊالر خرچ ڪيا. جيڪا رقم ڪينسر جي سالياني بجيٽ کان به وڌيڪ آهي. ٽائم ميگزين لکي ٿو ته انهن پيسن سان 13 لک آمريڪي هڪ سال تائين مفت صحت جي سهولت ماڻي سگھن ها، پر ٽرمپ اها بجيٽ جنگ تي خرچ ڪري ڇڏي. سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز ڄاڻايو آهي ته آمريڪا هن جنگ ۾ تمام گهڻو مهانگو ۽ جديد بارود استعمال ڪري رهيو آهي. ان سان يوڪرين ۽ تائيوان جهڙن ٻين محاذن تي آمريڪي فوجي صلاحيتون ختم ٿينديون. ان ڪري يورپ جا اتحادي آمريڪا کان سندس جنگي بيوقوفيءَ جي ڪري پريشان ۽ پري ٿي ويا آهن.
اسرائيل جو جديد دفاعي نظام دنيا ۾ مشهور آهي، پر ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز سندن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. اسرائيل جو هر روز دفاعي ميزائلن تي 50 ملين کان 100 ملين ڊالر نقصان ٿيو آهي. اسرائيلي معيشت کي 20 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو سڌو نقصان پهتو آهي. حيفه بندرگاهه تباهه ٿي وئي آهي. ‘هائي ٽيڪ’ ڪمپني بيهجي وئي آهي. هزارين ريزرو فوجي ڀڄي لڪي ويا آهن. بجلي جا ڪيترائي وڏا پلانٽ تباهه ٿي ويا آهن. ميڊيٽيرينيئن سمنڊ ۾ موجود ‘ليوايتھن گيس فيلڊ عارضي طور تي بند ڪئي وئي. اتر ۽ مرڪزي اسرائيل مان لڳ ڀڳ 5 لک کان وڌيڪ شهري محفوظ هنڌن يا بنڪرن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيا آهن. اسرائيل جي ڪريڊٽ ريٽنگ گهٽجي وئي هاڻي عالمي مارڪيٽ مان اسرائيل کي قرض مهانگو ملندو. پڙهيل لکيل ماڻهو اسرائيل ڇڏي رهيا آهن. هن جنگي صورتحال ۾، اسرائيل پنهنجي معيشت ۽ فوجي طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور تي پنهنجي عالمي اتحادين ۽ قرض ڏيندڙ ادارن تي ڀاڙي رهيو آهي. آمريڪي ڪانگريس 14.3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هنگامي فوجي امداد منظور ڪئي. آمريڪي بينڪن (جهڙوڪ JPMorgan Chase ۽ Goldman Sachs) کان وڏي پيماني تي قرض وٺڻ شروع ڪيا آهن. اسرائيل عالمي مارڪيٽ ۾ “ڊائيسپورا بانڊز” ذريعي اربين ڊالر گڏ ڪري رهيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ يهودي برادري ۽ ڪجهه رياستي حڪومتون (مثال طور فلوريڊا ۽ نيو يارڪ) اهي بانڊز خريد ڪري اسرائيل کي نقد رقم فراهم ڪري رهيون آهن. جرمني ۽ برطانيا سڌي طرح پئسا نه پر آسان شرطن تي ڪريڊٽ لائنون فراهم ڪري رهيا آهن ته جيئن اسرائيل انهن کان دفاعي سامان خريد ڪري سگهي. اسرائيل پنهنجي “فارين ڪرنسي ريزرو” (پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن) کي بچائڻ لاءِ عالمي مارڪيٽ مان مهانگو قرض کڻڻ تي مجبور ٿيو آهي. آئرن ڊوم، ڊيوڊس سلنگ، ۽ ايرو سسٽم جا انٽرسيپٽر ميزائل آمريڪا مان سپلاءِ ٿي رهيا آهن. 2000 پائونڊ جا بم (Bunker Busters) ۽ آرٽلري جا گولا آمريڪا جي جهازن ذريعي روزانو اسرائيل پهچي رهيا آهن. F-35 ۽ F-15 جهازن جي مرمت لاءِ گهربل اسپيئر پارٽس جي سپلاءِ جاري آهي. جرمني اسرائيل جو ٻيو نمبر وڏو هٿيارن جو سپلائر آهي. هو خاص طور تي بحري طاقت لاءِ ڊيزل آبدوزون (Submarines) ۽ جديد اينٽي ٽينڪ ميزائل فراهم ڪري رهيو آهي. برطانيا جنگي جهازن جا پرزا، ريڊار سسٽم، ۽ هوائي دفاع جو ٻيو ضروري سامان فراهم ڪري رهيو آهي. برطانوي ڪمپنيون (جهڙوڪ BAE Systems) F-35 جهازن جي تيارين ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڪجهه رپورٽن مطابق، هندستان پاران اسرائيل کي ڊرونز جا پرزا ۽ گولا بارود فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد دفاعي تعاون کي برقرار رکڻ آهي.
يورپي ملڪن (جهڙوڪ هالينڊ ۽ اسپين) ۾ عوامي احتجاج سبب هٿيارن جي سپلاءِ تي ڪجهه پابنديون لڳيون آهن. برطانيا، فرانس ۽ جرمني جهڙا ملڪ اسرائيل جي هوائي دفاع جو نظام سنڀاليو ويٺا آهن. خطي ۾ موجود برطانوي ۽ فرنيچ بحري ٻيڙا يا جهاز انهن کي ڪيرائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اٽلي به اسرائيل جي مدد لاءِ ميدان تي اچي ويو آهي. پر نيٽو پردي پويان اسرائيل جي فوجي مدد ڪري رهيو آهي. ايران غزه جيان اسرائيل جي عام شهرين تي بمباري ناهي ڪئي پر ان جو بنيادي ڍانچو تباهه ضرور ڪيو آهي. اسرائيل ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو “هائي ٽيڪ اثاثن” جو آهي. غزه جي تباهي هڪ “انساني الميو” هو، جڏهن ته اسرائيل ۾ ٿيندڙ تباهي هڪ “رياستي ۽ معاشي بحران” آهي. اسرائيل کي غزه ۾ صرف بارود جو خرچ ٿيو هو، پر ايران سان جنگ ۾ هن جا پنهنجي “هڏا” (جديد دفاعي نظام ۽ معيشت) ٽٽي رهيا آهن. اسرائيل هن وقت آمريڪي امداد ۽ عالمي قرضن جي “لائف سپورٽ” تي آهي. جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي سپلاءِ يا مالي مدد روڪي ڇڏي، ته اسرائيل لاءِ ايران سان هيءَ جنگ وڌيڪ ڏينهن جاري رکڻ ناممڪن ٿي ويندو.
هڪ پاسي ٽرمپ عرب ملڪن ۽ اسرائيل سان ايران جي زمين تي قبضي لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف پوري ملڪ ۾ جنگ مخالف احتجاج سان گڏ ڪانگريس ۾ به بجيٽ جي حوالي سان هنگامو شروع ٿي ويو آهي. جڏهن ته ٽرمپ جي ڪابينا ۾ به ڪيترن ئي سينيئر وزيرن ٽرمپ جي سرعام مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ کيس روڪيو پيو وڃي ته ايران سان جنگ ويٽنام ۽ افغانستان کان به خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. صدر ٽرمپ جنگ تي اختلافن جي ڪري پنهنجي اٽارني جنرل پام بودي کي فورن هٽائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي اٽارني جنرل ٽوڊ بلانچ کي عارضي چارج ڏني وئي آهي. اي پي اي ايڊمنسٽريٽري لي زيلڊن جي تقرري تي ڳالهيون جاري آهن. سي اين اين موجب دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ گذريل مهيني کان صدر ٽرمپ سان اختلافن جي ڪري ڪيترن ئي سينيئر فوجي اڳواڻن کي هٽائي ھاڻي وري فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل رينڊي جارج کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هاڻ هيگسٿ کي به هٽائڻ جا چؤٻول هلي رهيا آهن. ڪامرس سيڪريٽري هاورڊ لٽنگ ۽ اميگريشن ايڊوائيزر اسٽيفن ملر کي به هٽائڻ تي صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن. وائيٽ هائوس جي ذريعن ڄاڻايو آهي ته ٽرمپ ڪابينا جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن ان جنگ جي حوالي سان صدر ٽرمپ سان اختلاف ڪيا آهن پر هو ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته پوءِ اهو آمريڪي بقا لاء هڪ وڏو خطرو ثابت ٿيندو.