ايران سان منجمد اثاثن بدلي حملا روڪڻ واري ڳالهه درست ناهي: قطر

ايران سان منجمد اثاثن بدلي حملا روڪڻ واري ڳالهه درست ناهي: قطر

دوحا (م ڊ) قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران ۽ قطر جي وچ ۾ ايران جي منجمد اثاثن تان پابندي هٽائڻ جي بدلي حملا روڪڻ بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي ۽ ان حوالي سان سامهون آيل خبرون بي بنياد ۽ غلط آهن. دوحا ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان واضح ڪيو آهي ته علائقي ۾ اسان جي ڪنهن به پاڙيسري ملڪ تي حملو، قطر جي خودمختياري تي حملو سمجهيو ويندو. تنهن ڪري هن خطري کي منهن ڏيڻ جو ڪو به حل علائقائي هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جنگ جي شروعات کان هينئر تائين ايران سان ڪو به گڏيل لائحه عمل ناهي رهيو. اسان جي ملڪن تي حملا جاري رهيا، ايتري قدر جو جنگبندي کان هڪ رات اڳ به حملا ٿيا، ۽ صرف جنگبندي شروع ٿيڻ سان اهي حملا بند ٿيا. قطري ترجمان وڌيڪ چيو ته  اسان پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ ان دوران ڪنهن به قسم جي مالي معاملي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. مان اڳ به سرڪاري طور تي اهو چئي چڪو آهيان. اسان پنهنجي ملڪ جي دفاع بابت فڪرمند آهيون ۽ هر حملي خلاف پنهنجو دفاع ڪنداسين. انهن حملن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به مالي معاهدي جي ڳالهه سراسر غلط آهي ۽ ان جو مقصد اسان جي ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي رابطو جاري آهي ۽ اسان پنهنجي ڳالهه انهن جي ذريعي پهچائيندا آهيون. ايراني ميڊيا موجب ايران جي منجمد اثاثن تان پابندي هٽائڻ اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ تهران جو هڪ اهم شرط هو. انهن رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو ته قطر ۽ ڏکڻ ڪوريا جا بئنڪ ايران جا لڳ ڀڳ ست ارب ڊالر منجمد اثاثا آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه اطلاعن موجب اها رقم اڳ ئي ادا ڪئي وئي آهي.