| ايران صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو مطالبو: قومي اتفاق راءِ سان علائقائي امن لاءِ سفارتي قدم کنيا وڃن: اپوزيشن اتحاد |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ علامه راجه ناصر عباس، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجه سميت اهم سياسي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مشرق وسطا جي صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏل اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطيني مسلمانن جي نسل ڪشي کي عالمي قانونن جي واضع ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو. ٻئين جنگ عظيم کان پوءِ جو عالمي نظام زوال پذير ٿي چڪو آهي ۽ اقوام متحده غير مؤثر ٿي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ سفارش ڪئي وئي ته قومي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۽ خارجا پاليسي تي مضبوط موقف لاءِ فوري پارلياماني گڏيل اجلاس گهرايو وڃي. اجلاس ۾ پاڙيسري اسلامي ملڪ ايران تي سامراجي دٻاءَ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ مغربي ميڊيا جي ذريعي ايران جي خودمختياري کي نشانو بڻائڻ جي ڪوششن جي مذمت ڪئي وئي. خطي ۾ امڪاني بحران کي نظر ۾ رکندي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائن جي به تجويز پيش ڪئي وئي ۽ گڏيل لائحه عمل ۽ علائقائي امن لاءِ سفارتي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو.