| ايران صورتحال: شڪيرا جو ڀارت کانپوءِ قطر شو به ملتوي |
دوحا (ڪلچرل ڊيسڪ) جڳ مشهور ڳائڻي شڪيرا ايران صورتحال سبب ڀارت کانپوءِ قطر جو ڪنسرٽ ملتوي ڪري ڇڏيو، رپورٽن موجب شڪيرا جو ڪنسرٽ پهرين اپريل تي قطر جي 974 اسٽيڊيم ۾ ٿيڻو هو، انهي شو جا ٽڪيٽ به وڪرو ٿي چڪا هئا، رپورٽن موجب شو جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.