ايران صورتحال: پاپ آئڪن شڪيرا جو ڀارتي ڪنسرٽ ملتوي

ايران صورتحال: پاپ آئڪن شڪيرا جو ڀارتي ڪنسرٽ ملتوي

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) گريمي ايوارڊ يافته عالمي پاپ آئڪن شڪيرا جو ڀارتي ڪنسرٽ ملتوي ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب شڪيرا جي مداحن لاءِ هفتي جي آخر ۾ افسوسناڪ خبر آئي، جڏهن هندستان ۾ سندس ڪنسرٽ ملتوي ڪيا ويا. سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده جيو پوليٽيڪل صورتحال ۽ علائقائي تڪرارن سبب ( ايراني_ آمريڪي جنگ ) سبب   شڪيرا جو ڪنسرٽ ملتوي ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مداحن، فنڪارن ۽ پروڊڪشن ٽيم جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪنسرٽ جي نئين تاريخن جو اعلان جلد ٿيندو.