| ايران مان اسلامي جمهوريه ختم ٿي ويندي: اسرائيلي وزيراعظم |
تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي خلاف جنگ ۾ اڌ کان وڌيڪ مقصد حاصل ڪري ورتا آهن. آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته جنگ جي خاتمي بابت هن وقت ڪجهه به نٿو چئي سگهان. جنگ ۾ ايران جي پاسداران انقلاب جي هزارين ڪارڪنن کي ماريو ويو هٿيارن جي صنعت کي ختم ڪرڻ جي به ويجهو پهچي چڪا آهيون. ايران جي اسلامي جمهوريه ختم ٿي ويندي پر جنگ جو مقصد اهو نه هو.