| ايران مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ، ترڪ سرحد تي ماڻهن جي آمد ۾ اضافو |
استنبول (م ڊ) ايران جي تاريخ ۾ عوامي احتجاج جي سڀ کان وڏي لهر تي ڪريڪ ڊائون بعد سوين ايراني ملڪ ڇڏي رهيا آهن ۽ اهي ترڪي پهچي ويا آهن. اربع تي درجنين ايراني سرحد پار ڪري ترڪي ۾ داخل ٿيا. ڪيترائي ايراني خاندان ۽ فرد اوڀر صوبي وان ڪاپڪي ۾ هڪ سرحدي دروازي ذريعي آيا. ايرانين کي علائقي ۾ داخل ٿيندي پنهنجو ضروري سامان آڻيندي ڏٺو ويو. دروازو پار ڪرڻ کان پوءِ اهي ويجهن ترڪي شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏين ۾ سوار ٿيا. ايرانين ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي طرف ايران ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جا شهري به ملڪ ڇڏي رهيا آهن. ٻن سفارتڪارن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪيترن ئي ملڪن پاران پنهنجن شهرين کي ايران ڇڏڻ جي صلاح ڏيڻ کان پوءِ ايران کان ترڪي ۾ سرحد پار ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌي ويو آهي. ترڪ سيڪيورٽي آفيسر چيو ته گيٽ تي صورتحال غير معمولي نه آهي، آمد ۾ ڪو خاص اضافو نه ٿيو آهي، پر صورتحال تي ڪرڙي نظر رکي پئي وڃي.