| ايران معاملي تي ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي: جي ڊي وينس |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته فوجي مهم ٻيهر شروع ڪري سگهون ٿا، پر ٽرمپ ايئن نٿو چاهي، ايران کي جوهري هٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته منهنجو خيال آهي ته ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، جيستائين معاهدي تي صحيحون نٿيون ٿين پڪ سان نٿا چئي سگهون، اسان ايران معاملي تي ڪافي اڳڀرائي ڪئي آهي، صدر ٽرمپ اسان کي نيڪ نيتي سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو آهي ۽ اسان ايئن ئي ڪيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ آمريڪا ايران لاڳاپن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جو موقعو موجود آهي ، اهڙو ڪو به معاهدو ڪرڻ نه پيا وڃون جنهن ۾ ايرانين کي جوهري هٿيار رکڻ جي اجازت هجي.